سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي وقت سر سار نه لڌي ته وڏو بحران ايندو: فيصل ايڌي

0
335
سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي وقت سر سار نه لڌي
سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي وقت سر سار نه لڌي ته وڏو بحران ايندو: فيصل ايڌي

ڪراچي: سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي وقت سر سار نه لڌي ته وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، هڪڙي بحران پويان ٻيو بحران ٿيو ته ذميوار رياست هوندي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران ٻوڏ جي صورتحال تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو
فيصل ايڌي چيو آهي ته سنڌ ۾ 90 سيڪڙو ماڻهو پاڻي ۾ ڦاٿل آهن، وڏين ڪوششن باوجود رڳو 10 سيڪڙو ماڻهن تائين پهچي سگهيا آهيون
هن چيو ته ماڻهو 10-10 ڏينهن بُک تي ويٺا آهن، متاثرن جي مدد نه ڪئي وئي ته سنگين ڏڪار جي ذميوار رياست هوندي
فيصل ايڌي چيو ته وڏن شهرن ۾ ايندڙ ماڻهن لاءِ سوسائٽيز ٺاهيون وڃن ته جيئن کين فوري رليف ملي، صحت جو نظام ويهجي ويو آهي، جاني نقصان جا انگ اکر صحيح رپورٽ نه پيا ٿين
هن چيو ته وفاقي حڪومت اسان کان ايترو ٽئڪس اوڳاڙي رهي آهي جو اسان ايمبولينسز نٿا گهرائي سگهون، اسان وٽ صحت جي سهولتن لاءِ استعمال ٿيندڙ سامان جي کوٽ آهي
هن چيو ته اسان کي ڪو اعتراض ناهي ته پاڪستان ۾ سئو وڌيڪ ايٽم بم ٺاهيو، پر فوج جي بجيٽ گهٽايو، ڇو جو بک ۽ لنگهڻ تي ويٺل ماڻهن جي مدد نه ٿيڻ ته وڏو الميو جنم وٺندو

ھي به پڙھندا

منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين پهچي وئي

وارهه تعلقو ٻڌڻ جو خدشو، قمبر شهدادڪوٽ ۾ به الرٽ جاري

روشن آباد وٽان بدين طرف گهارو ٻڌجڻ بعد پاڻي اوور ٽاپ ڪري جهڏو ۾ داخل