اسلام آباد:  اليڪشن ڪميشن پاران 2023ع جي ڊجيٽل آدمشماري تحت جاري ڪيل تڪ بندين جي ابتدائي لسٽ ۾ سنڌ صوبي جي قومي اسيمبلي جي تڪن جي نمبرن تبديل ٿي وئي آهي، پهريان 2018ع جي اليڪشن ۾ سنڌ جو قومي اسيمبلي جو پهريون تڪ اين اي 196 جيڪب آباد هيو، هاڻي سنڌ ۾ قومي اسيمبلي جي پهرين تڪ جو نمبر 190 جيڪب آباد نئين تڪ بندين تحت ڏنو ويو آهي، ائين سنڌ جي سمورن قومي اسيمبلي جي تڪن جي نمبرنگ تبديل ٿي وئي آهي.