اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن تڪبندين جي ابتدائي لسٽ جاري ڪري ڇڏي،  سانگهڙ ضلعي جي قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ گهٽجي وئي، جڏهن ته سانگهڙ، خيرپور ۽ ٺٽي ضلعي جي 1-1 صوبائي سيٽ به گهٽجي وئي، جاري ڪيل تڪبندين جي لسٽ مطابق ڪراچي ڏکڻ جون قومي اسيمبلي جو سيٽون 3 مان وڌائي 4 ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ملير، ڪراچي ايسٽ ۽ سينٽرل ڪراچي ضلعن ۾ 1-1 صوبائي اسيمبلي جي سيٽ جو اضافو ڪيو ويو آهي

جيڪب آباد، ڪشمور، شڪارپور ضلعا گڏائي 4 قومي تڪ قائم ڪيا ويا آهن، جيڪب آباد – ڪشمور ۽ ڪشمور-شڪارپور نوان تڪ قائم ڪيا ويا، جنهن ۾ شڪارپور ۾ پهريان ٻه تڪ هئا، هڪ تڪ مڪمل برقرار رکيو ويو ۽ هڪ تڪ کي ورهايو ويو، ايئن جيڪب آباد جي ٻن تڪن مان هڪ کي برقرار رکڻ سميت ٻئي تڪ کي ورهايو ويو تفصيل موجب  اليڪشن ڪميشن پاران ڪالهه تڪبندين جي ابتدائي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن تحت قومي اسيمبلي جي 266 جنرل تڪن ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي 593 جنرل تڪن سوڌو مجموعي طور تي 859 جنرل تڪن جي نئين سر 2023ع جي ڊجيٽل آدمشماري جي انگن اکرن تحت تڪ بندي ڪئي وئي آهي، اليڪشن ڪميشن خيبر پختونخوا ۾ قومي اسيمبلي في تڪ 9 لک 7 هزار 913 آبادي تي قائم ڪيو آهي

جڏهن ته اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جو تڪ 7 لک 87 هزار 954 آبادي، پنجاب ۾ تڪ 9 لک 5 هزار 595، سنڌ ۾ 9 لک 13 هزار 52 ۽ بلوچستان ۾ 9 لک 30 هزار 900 آبادي تي قومي اسيمبلي جو تڪ قائم ڪيو ويو آهي، ائين نئين ڊجيٽل آدمشماري جي انگن اکرن تحت خيبر پختونخوا ۾ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ 3 لک 55 هزار 270، پنجاب اسيمبلي جو تڪ 4 لک 29 هزار 929 آ بادي تي قائم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جو في تڪ 4 لک 28 هزار 432 آبادي تي قائم ڪيو ويو آهي

بلوچستان اسيمبلي جو في تڪ 2 لک 92 هزار 47 آبادي تي قائم ٿيو آهي، اليڪشن ڪميشن پاران 2023ع جي ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن تحت جاري ڪيل ابتدائي تڪبندين جي لسٽ مطابق جيڪب آباد، ڪشمور ۽ شڪارپور  سميت ٽنهي ضلعن کي ملائي قومي اسيمبلي جون 4 سيٽون قائم ڪيون ويون آهن، پهريان به ٽنهي ضلعن جون گڏيل طور تي 4 سيٽون هيون، جيڪب آباد ضلعي جي اين اي 190 تڪ کي 9 لک 67 هزار 556 آبادي تي قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڳڙهي خيرو تعلقي جي هڪ لک 93 هزار 297 آبادي، جيڪب آباد تعلقي جي 4 لک 47 هزار 647، ٺل تعلقي جي بهادر آباد سپروائيزري سرڪل جي 92 هزار 98، ٺل تپيداري سرڪل جي هڪ لک 12 هزار 319، ميونسپل ڪاميٽي ٺل جي 88 هزار 584، ٽائون ڪاميٽي ميرپور ٻرڙو جي 14 هزار 174، ٽائون ڪاميٽي سهراب سرڪي جي آبادي 19 هزار 867 شامل آهي

جڏهن ته اين اي 191 جيڪب آباد / ڪشمور نالي قائم ڪيل قومي اسيمبلي جو تڪ 9 لک 94 هزار 642 آبادي تي قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ جيڪب آباد ضلعي جي مصري پور تپيداري سرڪل جي 84 هزار 768، مراد پور تپيداري سرڪل جي 87 هزار 618، ٺل تعلقي جي پراڻو تپيداري سرڪل جي آبادي 33 هزار 755، جڏهن ته ڪشمور ضلعي جي لاشاري تپيداري سرڪل جي 59 هزار 776 ، ڪشمور تعلقي جي 4 لک 76 هزار 235 ۽ ڪنڌڪوٽ تعلقي جي 2 لک 52 هزار 490 آبادي شامل ڪئي وئي آهي

  ائين اين اي 192ڪشمور/ شڪارپور نالي قومي اسيمبلي جو تڪ 9 لک 17 هزار 453 آبادي تي قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪشمور ضلعي جي  دنياپور سپروائيزري سرڪل جي 80 هزار 173، تنگواڻي تپيداري سرڪل جي هڪ لک 65 هزار 181، ٽائون ڪاميٽي تنگواڻي جي 12 هزار 15، ٽائون ڪاميٽي ڪرمپور جي 20 هزار 50، غوث پور تپيداري سرڪل جي هڪ لک 11 هزار 626، ٽائون ڪاميٽي غوثپور جي 45 هزار 45، ڀنر تپيداري سرڪل  ۽ گوبلو تپيداري سرڪل جي 8 هزار 295، جڏهن ته شڪارپور ضلعي مان خانپور تعلقي جي 3 لک 31 هزار 219، سلطان ڪُوٽ تپيداري سرڪل جي 77 هزار 923، لاليون تپيداري سرڪل جي 19 هزار 895، لکي تعلقي جي رستم تپيداري سرڪل جي 32 هزار 393 ۽ ٽائون ڪاميٽي رستم جي 10 هزار 567 آبادي شامل آهي، ائين اين اي 193 شڪارپور 9 لک 14 هزار 333 تي قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ شڪارپور تعلقي ۾ شامل سلطان ڪوٽ تپيداري سرڪل، لاليون تپيداري سرڪل کانسواءِ شڪارپور تعلقي جا ٻيا سمورا علائقا، رستم تپيداري سرڪل ۽ ٽائون ڪاميٽي رستم کان سواءِ لکي تعلقي جي ٻين علائقن سوڌو ڳڙهي ياسين تعلقو ۽ شڪارپور تعلقو شامل  آهن

ائين سنڌ مان سانگهڙ ضلعي جون قومي اسيمبلي جون 3 سيٽون هيون جنهن جو تعداد گهٽ ڪري 2 ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ اين اي 209 سانگهڙ هڪ 11 لک 72 هزار 516 آبادي تي قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سانگهڙ تعلقي جي 4 لک 82 هزار 560، کپرو تعلقي جي 3 لک 66 هزار 748۽ ڄام نواز علي تعلقي جي هڪ لک 71 هزار 598 آبادي کان علاوه سنجهوري تعلقي جي جهول سپروائيزري سرڪل جي هڪ لک 32 هزار 246، ٽائون ڪاميٽي جهول جي 19 هزار 264 آبادي شامل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اين اي 210 سانگهڙ ٻه 11 لک 35 هزار 949 آبادي تي قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٽنڊي آدم تعلقي جي 4 لک 7 هزار 686 آبادي، شهدادپور تعلقي ۽ سنجهوري تعلقي جي جهول تپيداري سرڪل ۽ ٽائون ڪاميٽي جهول کانسواءِ ٻين علائقن جي 2 لک 3 هزار 99 آبادي شامل ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف اين اي 194 لاڙڪاڻو هڪ 8 لک 90 هزار 703، اين اي 195 لاڙڪاڻو ٻه 8 لک 93 هزار 750 آبادي تي قائم ڪيو ويو آهي، اين اي 196 قمبر/شهدادڪوٽ هڪ 7 لک 72 هزار 747 آبادي، جڏهن ته اين اي 197 قمبر/شهدادڪوٽ ٻه 7 لک 42 هزار 122 تي قائم ڪيو ويو آهي

اين اي 198 گهوٽڪي هڪ 8 لک 87 هزار 715، اين اي 199 گهوٽڪي ٻه 8 لک 74 هزار 894، اين اي 200 سکر هڪ 8 لک 46 هزار 835، اين اي 201 سکر ٻه 7 لک 92 هزار 962، اين اي 202 خيرپور هڪ 8 لک 51 هزار 105، اين اي 203 خيرپور  ٻه 8 لک 37 هزار 944، اين اي 204 خيرپور ٽي 9 لک 8 هزار 486 آبادي تي قائم ڪيو ويو آهي،  اين اي 205 نوشهروفيروز هڪ 8 لک 95 هزار 256، اين اي 206 نوشهروفيروز ٻه 8 لک 81 هزار 826، اين اي 207، شهيد بينظيرآباد هڪ 9 لک 59 هزار 756، اين اي 208 شهيد بينظير آباد ٻه 8 لک 85 هزار 346، اين اي 211 ميرپور خاص هڪ 8 لک 50 هزار 102، اين اي 212 ميرپور خاص ٻه 8 لک 31 هزار 284. اين اي 213 عمرڪوٽ 11 لک 59 هزار 831، اين اي 214 ٿرپارڪر هڪ 8 لک 97 هزار 87، اين اي 215 ٿرپارڪر ٻه 8 لک 81 هزار 320، اين اي 216 مٽياري 98 لک 49 هزار 383، اين اي 217 ٽنڊو الهيار 9 لک 22 هزار 212، اين اي 218 حيدرآباد هڪ 8 لک 47 هزار 23، اين اي 219 حيدرآباد ٻه 8 لک 983، اين اي 220 حيدرآباد ٽي 7 لک 84 هزار 34، اين اي 221 ٽنڊو محمد خان 7 لک 26 هزار 119، اين اي 222 بدين هڪ 9 لک 38 هزار 113، اين اي 223 بدين ٻه 10 لک 8 هزار 948، اين اي 224 سجاول 8 لک 39 هزار 292، اين اي 225 ٺٽو 10 لک 83 هزار 191، اين اي 226 ڄامشورو 11 لک 17 هزار 308، اين اي 227 دادو هڪ 8 لک 534، اين اي 228 دادو ٻه 8 لک 41 هزار 786 آبادي تي قائم ڪيو ويو آهي

  نيئن تڪ بندين تحت خيرپور ضلعي جي 7 صوبائي اسيمبلين جو تعداد گهٽ ڪري 6 ڪيو ويو آهي، ائين سانگهڙ ضلعي جي صوبائي اسيمبلي جون سيٽون 6 مان گهٽ 5 ڪيون ويون آهن ۽ ٺٽي ضلعي جون صوبائي اسيمبلي جون سيٽون 3 مان گهٽ ڪري 2 ڪيون ويون آهن، سنڌي ڳالهائيندڙ علائقي سانگهڙ مان گهٽ ٿيل قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ جو وڌارو ڪراچي ڏکڻ ضلعي ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ ڪراچي ڏکڻ ضلعي جون قومي اسيمبلي جون سيٽون 3 مان وڌائي 4 ڪيون ويون آهن، ائين سنڌي ڳالهائيندڙ علائقن مان صوبائي اسيمبلي جي ٽن سيٽن جي واڌ به ڪراچي ۾ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن ۾ ٿي آهي، جن  مان ملير ضلعي جي صوبائي اسيمبلي جي سيٽن جا تڪ 5 مان وڌائي 6، ڪراچي ايسٽ ضلعي جا صوبائي تڪ 8 مان وڌائي 9، ڪراچي سينٽرل ضلعي جون صوبائي اسيمبلي جون سيٽون 8 مان وڌائي 9 ڪيون ويون آهن