ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ تيز طوفاني هوا سان پيل برسات سبب مختلف هنڌن تي واقعن ۾ هڪ عورت سميت 4 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي، ڪچن گهرن جا ڇپرا اڏامي ويا، بجلي جو نظام ڊانوان ڊول، گرمي جو زور ٽٽي پيو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي. خبر موجب شھدادڪوٽ ۾ عيد ڏينهن طوفاني برسات ۾ ڀِت، سولر پليٽون ۽ گهرن جا ڇپرا ڪِرڻ سبب نينگري سميت 9 ڄڻا آمنا بروھي، عبدالغني بروھي، ساجد علي، مسمات لطيفان، شھزادي، محمد عالم، شير علي، خاوند بخش ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، جن کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال نيو ويو، جتي پيرسن عبدالغني بروھي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. ميروخان شهر جي پير شاھ ڪالوني ۾ عيد ڏينهن تيز طوفاني هوا دوران گهر جي ڀت ڪرڻ سبب پيرسن محمد پناهه مڱڻهار ۽ 20 ورهين جي ڀاڳل مڱڻهار زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال آندو ويو، جتان پيرسن کي لاڙڪاڻي نيو ويو، جتي هو زخمن جي سٽ نه سهي فوت ٿي ويو. ڳڙهي خيرو ۾ تيز طوفان دوران سولر پليٽ اڏامي لڳڻ سبب نوجوان محمد علي لھر جو ڳلو ڪپجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. سکر ۾ برسات دوران گهر ڊهي پوڻ سبب زيرو پوائنٽ جي رھواسڻ مسمات آسيا ميراڻي دٻجي ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏھن ته سندس 4 ورھين جي نياڻي صوبيا زخمي ٿي پئي. سول اسپتال سکر جي انتظاميا موجب مختلف حادثن ۾ 10 کان وڌيڪ زخمي علاج لاءِ آندا ويا. پيرجوڳوٺ ۾ تيز ھوا سان گڏ پيل برسات سبب کجي جي تيار ٿيل فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي، سوين ڪچا ڇپرا ڊھي پٽ پئجي ويا. ٽنڊو باگو، گلاب لغاري، خليفو قاسم، ڪڍڻ، شادي لارج، نندو ۾ برسات جو وسڪارو ٿيڻ بعد موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته تيز هوا سبب ڪکاون گهرن جون چتيون اڏامي ويون ۽ بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. ٽنڊو غلام علي ۾ تيز طوفاني ھوا سان برسات جو وسڪارو ٿيو، جنهن ڪري روڊ رستن تي پاڻي بيھجي ويو. بدين شھر ۽ ڀرپاسي تيز ھوا سان برسات پئي، جنهن جي نتيجي ۾ گرمي جو زور ٽٽي پيو، جڏهن ته شھر ۾ بجلي جي اکٻوٽ جاري رهي، سيراڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان هلڪي برسات پئي، جنهن کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي پيو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي.