سنڌ ۾ ايم پي اي جي چونڊ وڙهندڙ 2 اميدوارن جا ڀاءُ ۽ امڙ وزير ۽ سيڪريٽري هجڻ جو انڪشاف

0
206

ڪراچي (رپورٽ: سترام مهيشوري) سنڌ ۾ ايم پي اي جي چونڊ وڙهندڙ 2 اميدوارن جا ڀاءُ  ۽ امڙ  وزير ۽ صوبائي سيڪريٽري هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ملڪ جي وڏي ڪنسلٽنٽ ڪمپني ريلائنس جو سي اي او مهيش ڪمار هاسيجا متحده جي پليٽ فارم تان اقليتي ايم پي اي جي چونڊ وڙهي رهيو آهي،  متحده پنهنجي لسٽ ۾ مهيش هاسيجا کي پهرين نمبر تي نامزدگي ڏني آهي

هن وقت مهيش ڪمار جو ڀاءُ انجنيئر ايشور لال وري سنڌ آبپاشي کاتي جو وزير آهي، ساڳئي ريت سنڌ تعليم کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر شيرين ناريجو جي نياڻي ريحانه مصطفيٰ سهاڳ وري خيرپور جي تڪ پي ايس 31 تي اميدوار آهي

هن منظور وساڻ ، جاويد شاهه جيلاني ۽ بچل شاهه جيان پ پ کي ٽڪيٽ لاءِ درخواست پڻ ڏني آهي