ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 5 جون کان 2 مهينن لاءِ اونھاري جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي،حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص بينچز کي 5 جون کان 5 آگسٽ تائين اونھاري جي موڪل ھوندي، اهي سومر 7 آگسٽ کان کلي وينديون، موڪلن دوران مخصوص بينچ صبح ساڍا 9 کان 11 وڳي تائين ٻڌڻي ڪندي،11 کان ساڍا 11 تائين وقفو ھوندو، جڏھن ته ساڍا 11 کان ھڪ وڳي تائين ٻيهر ٻڌڻيون ٿينديون، جڏهن ته جمعي ڏهاڙي  بنا وقفي جي صبح ساڍا 9 کان ساڍا 11 وڳي تائين رڳو ارجنٽ ڪيسن جون ٻڌڻيون ٿينديون  جڏهن ته ڇنڇر تي صبح 9 کان منجھند 3 وڳي تائين درخواستون وصول ٿي سگھنديون.