وارهه (رپورٽ: اياز چانڊيو) وارهه ۾ سڱاوتي معاملي تان ناٺي هٿان پيرسن سس قتل، معصوم ٻارڙي زخمي، خبر موجب شھر جي مٺا ڪالوني ۾ سڱاوتي اڻبڻت  تان ناٺي اختيار ڀاڻواڻي چانڊيو پنهنجي 50 ورهين جي سس اقبال خاتون ڪنڀر جي گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري کيس  قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ دوران  5 ورهين جي معصوم ٻارڙي مرڪ ڌيءُ ڪرم الله گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو، مقتول عورت جو لاش وارهه اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪاروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، مقتول عورت جي پٽ  مجيب ڪنڀر ۽ ٻين  ٻڌايو ته سان 3 مهينا اڳ ڀيڻ ساجدهه ڪنڀر جي شادي ڪرائي  هئي پر ساجدهه سان کين  ملڻ نه پئي ڏنو ويو ۽ مٿس تشدد ڪيو پيو وڃي، جنهن خلاف امڙ احتجاج پڻ ڪيو ته جوابدار ناٺي ڌمڪائي رهيو آهي، هن ٻڌايو ته احتجاج ڪرڻ تي جوابدار اختيار ڀانواڻي چانڊيو گهر ۾ گهڙي حملو ڪري امڙ اقبال خاتون کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ڀاڻيجي مرڪ ڌيءُ ڪرم الله  کي زخمي ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ سڱاوتي اڻبڻت  هئي، جنهن تان واقعو پيش آيو، هن چيو ته جوابدار ڌر جابلو پٽي واسي آھي، سندن گرفتاري لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.