اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله چيو آهي ته پيپلزپارٽي پنجاب ۾ ايندي، ته نواز ليگ سنڌ ۾ ايندي. هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ڪنهن نئين پارٽي کان ڊنل ناهيون، اسان جي پارٽي جا اڳواڻ پرعزم آهن، پ پ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ جو حق رکي ٿي. رانا ثناءُالله چيو ته نواز شريف خلاف ٺاهيل ڪيس ڪوڙا آهن، نواز شريف جلد وطن واپس اچي 2023ع جي چونڊن ۾ پارٽي جي قيادت ڪندو، نواز شريف کي عدالت ۾ پنهنجو ڪيس پيش ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي، نواز شريف جي پارٽي سربراهه طور نا اهلي تي نظرثاني لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو ويندو.