سنڌ حڪومت پاران 17هين ۽ 18هين گريڊ جي ڪامورن جون وڏي پئماني تي مقرريون ۽ بدليون

0
442
ڪراچي: ترقيون ملڻ بعد  10

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران 17هين ۽ 18هين گريڊ جي ڪامورن جون وڏي پئماني تي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن. 19هين گريڊ جي ٽريننگ مڪمل ڪندڙ حفيظ مهيسر جون خدمتون تعليم کاتي حوالي ڪيون ويون، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل جنيد حميد سمون اي ڊي سي شهيد بينظير آباد مقرر، 17هين گريڊ جو غلام نبي اي سي هيڊ ڪوارٽر ڪمشنر آفيس حيدرآباد مقرر، وجاهت غفور کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم، منصور وساڻ صحت کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري ايڊمن مقرر، فياض راهوجو فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آپريش سکر مقرر، شازيه قاضي ڪلڪ پراجيڪٽ ۾ ڊپٽي پي ڊي مقرر، کارو ڇاڻ مان اسسٽنٽ ڪمشنر نظير ابڙو بدلي، تنگواڻي ۾ اي سي طور مقرر، تنگواڻي مان انور حسين کي بدلي ڪري کاروڇاڻ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 18هين گريڊ جو آفيسر اسد اشفاق لائيو اسٽاڪ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل مشتاق شيخ پي ڊي ايم سي ۾ ريجنل ڊائريڪٽر مقرر، جنيد راجپوت کي وزيراعليٰ سيڪريٽري ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايس پي ايس يو مقرر ڪيو ويو.