پي ٽي آءِ اڳواڻ شريف بليدي جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار

0
536

جيڪب آباد: پنج مھينا اڳ قتل ٿيل پي ٽي آءِ اڳواڻ سردارزاده شريف خان بليدي جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. فريادي حنيف خان بليدي دعويٰ ڪئي آهي ته قتل ۾ ملوث سردار سجاد بليدي کي ڪوئيٽا جي سرياب پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس ايس پي جي ترجمان جو چوڻ هو ته فريادي اسان کي اطلاع ڪيو ته جوابدار سجاد بليدي کي ڪوئيٽا ۾ گرفتار ڪرايو ويو آهي،
ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي اطلاع ڪيو آهي جيڪو ڊي آءِ جي بلوچستان پوليس سان رابطو ڪندو، هن چيو ته جوابدار جي گرفتاري جي تصديق ٿيڻ بعد پوليس کي ڪوئيٽا روانو ڪيو ويندو. ياد رهي ته سردارزاده شريف خان بليدي کي پنج مھينا اڳ شڪارپور روڊ تي قتل ڪيو ويو هو جنهن جي قتل جو ڪيس دھشتگردي ايڪٽ تحت داخل ٿيل آهي.