سنڌ جي ٻُڏندڙ ٻيڙي تي تَرندڙ اين جي اوز! 

0
171
ھولي- زرعي سماج جو ثقافتي پسمنظر رکندڙ تھوار

 بورجوا جمهوريت جي عملي وصف مطابق هن نظام کي ٻوڏون ۽ وبائون ڏيو، هي توهان کي موت ڏئي اڳتي تڳندو. ارون ڌتي راءِ پنهنجي ڪتاب

The Ordinary Person’s Guide to Empire

۾ درست لکيو آهي ته:

‘Democracy has become Empire’s euphemism for neo-liberal capitalism.’

(p. 119)

                 سنڌ ۾ هر ٻي يا ٽين سال ٻوڏ يا سوڪ ٿئي ٿي، يا ڪا ٻي آفت ڪڙڪي ٿي: سوال هي آهي ته رياستي سطح تي ڪابه حڪمت عملي يا ميڪنزم ڇو ناهي؟ رڳو امداد، قرض ۽ خيرات لاءِ هي حڪمران طبقو ڇو ٿو واجھائي؟ اينجلينا جولي يا يو اين او جو جنرل سيڪريٽري ڀلي وزٽ ڪن ۽ انساني المين تي همدردي جو اظهار ڪن، پر يو اين او ۽ ان جا ذيلي ادارا آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ ٿرلڊ ورلڊ جي رياستن تي پنهنجي پاليسين ذريعي اثرانداز ٿيندا رهيا آهن. ان جو مطلب اهو ناهي ته انهن رياستن ۾ حڪمران طبقو نالائق ۽ ڪرپٽ ڪونهي. ٻوڏ متاثر ماڻهن کي بچائڻ ۽ تحفظ ڏيڻ ايترو ڏکيو مسئلو نه هو/آهي، جيڪر سرڪار هر متاثر شهر جي ويجهو محفوظ هنڌن تي ٽينٽ سٽي اڏي راشن ۽ ميڊيڪل سهوليت ڏيڻ لاءِ سنجيده هُجي ها. ٻيڙيون ۽ لانچون ڏئي عوام کي بچائي پئي سگهيا. سڀ ڪجهه ڪري پئي سگهيا، پر ٻاهرين ايڊ/امداد لاءِ ڊونرس کي انساني الميو ڏيکارڻو هو. ڪرپشن ۽ امداد جو آسرو سڀ ڪجهه لوڙهي ويو. مستقبل ۾ به ايئن ئي ڪندا رهندا. انتظامي نااهلي، هٿرادو ڪٽ ۽ گهارا مظلوم عوام کي لوڙهي ويا، سرمائيدارن جو ڌرم سرمايو آهي. سرمائيدار، پورهيت عوام جي موت تي به ڪمائيندا آهن. سامراجي ۽ مقامي ايڪٽرس جي ايجنڊا تحت سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتون ويتر بدتر ٿيون آهن.

هڪ ناڪام نظام ۾ ڇا هوندو آهي: پنڻ وارو ڪشتو، وظيفا، ڏن، صدقو، دان، خيرات…؟ هڪ ماڻهو، ٻي ماڻهو کي دان، خيرات يا ڏن ڏئي ٻئي ماڻهو (مظلوم) تي غالب ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. خيرات ڏيڻ جي سلسلي ۾ اين جي اوز، خيراتي ادارا ۽ سوڪالڊ ليفٽ هڪ ٿي ويو آهي. مطلب ته ٻنهي ساڄن ۽ کاٻن هن موسم ۾ خوب ڌنڌو ۽ ڪاروبار ڪيو آهي؟

هڪ ناڪام نظام ۾ ٻوڏ ۽ سوڪ ۾ هاري پورهيت ڀوڳيندو آهي. ان ڪلاس کي امداد ذريعي پنايو ويندو آهي ۽ ان جي ضمير ۽ خودداري کي هڪ ٻوري ذريعي ختم ڪيو ويندو آهي. ڪفالت، انڪم سپورٽ ۽ اين جي اوز ذريعي خوار ۽ رسوا ڪيو ويندو آهي. وڏيرن ۽ وانٺن ذريعي هن جي عزت ڀري زندگيءَ کي بي عزتو ڪيو ويندو آهي.

هن وقت اهو ڪم نام نهاد ليفٽ ۽ رائٽ ٻئي ساڳي طريقي سان ڪري رهيا آهن؟ ڇا ٻنهي جو ڌنڌو ساڳيو ئي آهي؟ پورهيت ڪلاس جڏهن ڀوڳنا ۾ هوندو آهي يا ڪو بحران جنم وٺندو آهي، ته رائٽ ۽ سوڪالڊ ليفٽ ٻِٽ ٿي ويندا آهن؟ سنڌ ۾ حقيقي ليفٽ آهي؟ ڇا هي، رائٽ جو ئي حصو سمجهون؟ هاڻ ترقي پسند فڪر سان سلهاڙيل پارٽين کي ڪنهن چيئرٽي فائونڊيشن ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي يا پارٽي ۾  ڪا خيراتي ونگ قائم ڪرڻ گهرجي؟ سنڌ جي موجوده تباهي جا ليفٽ ۽ رائٽ ٻئي ذميوار آهن. رائٽ وٽ ڪرپشن آهي، انسانيت ڪونهي ۽ ليفٽ وٽ انقلابي منشور ۽ حڪمت عملي ڪونهي.

هڪ نقطه نظر کان انسانيت جي بنياد تي هن سطح تي عوام جي مدد ڪرڻ عيب ناهي. ان طريقي سان پورهيت عوام تائين پهچي ۽ ان کي ترقي پسند سياسي ڌارا ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو ۽ اها بهتر حڪمت عملي آهي، پر لڳي ٿو ته اهو خيراتي سلسلو هاڻ رڪجڻو ناهي، جڏھن رياست پنهنجي ويلفيئرسٽ ڪردار تان به هٿ کڻي وئي آهي. ۽ سوڪالڊ ليفٽ خيراتي ايجنڊا تي تڳي پيو. مخير ليفٽ خيرات گڏ ڪرڻ لاءِ سڄي زندگيءَ ڏئي ڇڏي، پر سڀني مظلومن سان انصاف نه ڪري سگهندو. رياست عوام جي ٽيڪس تي پلجي ٿي، ان ڪري اهو رياست جو فرض آهي ته عوام کي هڪجهڙا حق ڏئي، بنيادي سهوليتون ڏئي. پر اُلٽي وهندڙ گنگا ۾ ايئن ڪٿي ٿو ٿئي؟ امدادي سامان کي به گهارا ۽ ڪٽ لڳا. انهي بحراني دور ۾ ٻيو ته ڇڏيو، اٽو به مهانگو ڪيو ويو آهي. چار مهينا اڳ اٽو ارڙهن سئو رپيا مڻ هو ۽ هن وقت چار هزار پنج سئو مڻ ڪيو اٿئو. 100+ روپيه ڪلو اٽو؟ ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته سنڌ جي ٻوڏ متاثر پورهيت عوام کي سبسڊي ڏيو ها ۽ اٽو سستو ڪيو ها، پر ويتر توهان ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙ سرمائيدار مافيا کي فائدو ڏيندي، پورهيت عوام جي نسل ڪشي ڪريو پيا! هارين وٽان في مڻ 1800 روپيه خريد ڪيل ڪڻڪ، چار مهينن کانپوءِ 4500 روپيه وڪرو ڪرڻ وارو ڪارنامو سرمائيدار مافيائن ۽ بورجوا حڪمرانن کانسواءِ ٻيو ڪير ٿو سرانجام ڏئي سگهي؟

ٻوڏ هجي يا سوڪهڙو، وبا هجي يا ٻي ڪا به فطري ۽ هٿرادو آفت، ڀوڳي صرف هاري پورهيت ٿو. بالادست سرمائيدار طبقو، ان تباهي ۽ ڀوڳنا تي ڪمائي ٿو. حڪمران ڪلاس ۽ اين جي اوز کي ئي ڏسي وٺو.

جيئن دڪانداري جو ڌنڌو ڪبو آهي، اين جي اوز ۾ به بلڪل ايئن ئي آهي! ستر جي  ڏهاڪي کان پوءِ اهو اين جي اوز وارو ڌنڌو وڌيو آهي. سنڌ ۾ ٻوڏ ڇا آئي، اين جي اوز جي مالڪن جا ٺٺ ٿي ويا آهن.

ڊاڪٽر صولت ناگي پنهنجي ڪتاب “سرمايه داري – تصادمون ڪي تهذيب” ۾ لکيو آهي ته ” جيستائين N.G.Os جو تعلق آهي ته مان انهن کي عوام دشمن عالمي سرمائيداري جي گماشتن کان وڌيڪ ڪجهه نٿو سمجهان.” (ص. 400)

اين جي او ٺاهڻ لاءِ ڪجهه ڪم اڳ ۾ ڪندا آهن. ڪجهه ماڻهو گڏ ڪري هٿ ٺوڪيو بورڊ آف گورنرس ٺاهي، اين جي او کي رجسٽرڊ ڪرائيندا آهن، پوءِ پراجيڪٽ لاءِ پروپوزل لکي، ڊالرن ۽ پائونڊس جي صورت ۾ مليل رقم هڙپ ڪبي آهي. جڏهن ڪم جو معيار ڏسجي ٿو ته اهو چوڻو پوي ٿو ته هڪ به اين جي او جي ڊيٽا ڀروسي جوڳي ناهي.  هي نالي ماتر سروي ڪري، فارملٽي پوري ڪري، ڏتڙيل ماڻهن جا فوٽو ڏيکاري، ڪوڙيون رپورٽون ٺاهي ڊونرس کي بليڪ ميل ڪري پنهنجي ڪاروبار کي جيئن جو تئين جاري رکيو اچن ٿا. اين جي اوز هلائيندڙ اهي اديب به آهن، ته دانشور به. اهي سماجي ڪارڪن به سڏبا آهن، ته وڏا ترقي پسند ۽ روشن خيال طور به سڃاتا وڃن ٿا. جيڪي ڪالهه سرمائيدار ۽ جاگيرداري جي خلاف ڀاشڻ ڏيندا هئا، اهي اڄ ڊونرس جي فنڊنگ تي نظرياتي طور جدوجهد ۽ مزاحمت تان هٿ کڻي چُڪا آهن! اُهي هاڻي ڇا ٿا ڪن؟ انهن سرمائيدارن جي فنڊنگ تي ڪرپشن جو جهان جوڙي ورتو آهي.  هنن ترقي پسند جدوجهد ۾ ڏار وڌا آهن ۽ ڌرتي جي مظلوم عوام جي نالي ۾ وڏا پيٽ ڪيا آهن. انهن هاڻي نام نهاد سول سوسائٽي  به تشڪيل ڏني آهي، جنهن جي پليٽ فارم تان گڏجي ڪڏهن ڪڏهن ڀُلجي به ڪنهن مظاهري يا ڪنهن پروگرام ۾ منهن ڪڍين ٿا. اين جي اوز جا اهي Tycoon حڪومت ۾ خاص ڪري بيوروڪريسي ۾ ڪرپشن، انفراسٽرڪچر جي حالت ۽ انارڪي جي ته مذمت ڪندي وڏا ليڪچر ڏين ٿا ۽ لکن ٿا، پر اُهي ساڳيا ماڻهو نَڪ جي پَڪائي سان ڊونر ايجنسين جي فنڊنگ ۾ بدعنواني جا رڪارڊ قائم ڪري چُڪا آهن. نتيجي ۾ اين جي او هنن لاءِ شاندار منافعي واري انڊسٽري بڻجي ويئي آهي. گاڏيون، آفيسون، ريسٽورينٽ، ٽوئر ۽ ايڪسپوير، وڏا پگهار ۽ الائونسز، ٽي اي ڊي اي، ان کان وڌيڪ ڪرپشن جي صورت ۾ ذاتي سرمايي ۾ اضافو. اهو سڀ ڪجهه انهن غربت، ڌرتي، جمهوريت، نوجوانن جي تربيت، پاڻي، ماحوليات، عورتن جي حقن وغيره جي نالي ۾ ڪيو وڃي آهي!

انهي عمل ۾ موقعي پرست مڊل ڪلاس جي نام نهاد اديب، شاعر ۽ دانشور کي به وڏو موقعو مليو. ايئن سياسي تحريڪن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. ماضي جا وڏا ڪميونسٽ، قوم پرست ۽ جمهوريت پسند اين جي اوز جي  طلسماتي پڌر ۾ پير ڌري، عوام، خاص ڪري نوجوانن کي سياسي ۽ شعوري طور Detract ڪري چُڪا آهن. انهن ماڻهن جي ٻهروپيت تي سنڌي ماڻهن ۾ احساسِ  نراسائي جنم ورتو آهي.  اهڙي روش قومي طبقاتي جدوجهد کي هاءِ جيڪ ڪرڻ جي ڪوشش چئي سگهجي ٿي.

اسي جي ڏهاڪي کان هڪڙي ٻيڙي ٻوڙي آهي اين جي اوز ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيز تي پلجندڙ دانشورن، جن جي روزي روٽي سامراجي ڊونرز جي فنڊ تي آهي. ۽ ٻي ٻيڙي ٻوڙي سول سوسائٽي، جيڪا هڪ ڦوڪ سان ماڻهو کي سياسي طور مفلوج ڪريو ڇڏي.

اين جي اوز جي سرمايي هڪ پاسي حقيقي انقلابي تحريڪن کي ڌڪ رسايو آهي، ته ٻي طرف نوجوان ڪارڪنن جو سياسي ڪيڊر پيدا ٿيڻ بند ٿيو آهي، ايئن هنن حقيقي سياسي جدوجهد لاءِ اسپيس روڪي شارٽ ڪٽ ۽ جُڳاڙي طريقن سان سماج کي انجيڪٽ ڪري رد انقلابيت ۽ رجعت پسندي کي جاندار ڪيو آهي.(پھريون حصو )