سخاوت ۽ فطرت جو تعلق

0
133
تماشگاهه ... ڍاڪا سانحو

 مير منور ٽالپر سنڌ صوبي جو هڪ وڏو زميندار آهي.ضلعي ميرپور خاص ۽ ٻين علائقن ۾ سندس زرعي زمينون آهن. سماجي حيثيت به رکندو آهي. ويجھڙ ۾ ئي هن ٻوڏ متاثر ماڻهن ۾ پنجاهه رپيا في ماڻهو جي حساب سان مدد تقسيم ڪئي، جنهن جي وڊيو به وائرل ٿي. منور ٽالپر جي ان “درياهه دلي” جا وڏا چرچا ٿيا. منور ٽالپر فريال ٽالپر جو مڙس آهي. فريال ٽالپر اڳوڻي صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي ڀيڻ آهي.  سندس خاندان وٽ پئسن جي ڪنهن به قسم جي کوٽ ناهي. منور ٽالپر جن ماڻهن ۾ بيهي درياهه دلي جو مظاهرو ڪري رهيو هو، اهي ڪي غير نه پر سندس ئي زمينن تي ڪم ڪندڙ هاري آهن. 2011ع ۽ هاڻي 2022ع ۾ جيڪي برساتون ٻوڏ ۾ تبديل ٿي ويون آهن، انهن کان متاثر ٿيندڙ بي زمين هارين کي انهن جي زميندارن ڪا مدد ڪرڻ يا انهن کي سهارو ڏيڻ بدران “ڪٿي به وڃي” پناهه وٺڻ جو حڪم ڏنو ۽ هڪ طرح سان انهن ماڻهن کي بيدخل ڪري ڇڏيو. اها هڪ الڳ ڪهاڻي آهي ته هارين ۽ آبادگارن سان ئي ايئن ڇو ٿيندو آهي، جنهن تي ٻئي ڪنهن موقعي تي بحث ڪري سگهجي ٿو.  هاڻي ته مير منور علي ٽالپر جيڪو خير سان قومي اسيمبلي جو ميمبر آهي ۽ گذريل ڪيترن سالن کان چونڊبو اچي رهيو آهي. انهن جي  سخاوت تي ڳالهه ٿي رهي آهي. سخاوت ۾ سنڌ جي هڪ وقت ۾ وڏي وزير ڄام صادق جي والد جا چرچا هوندا هئا. انهن جو دسترخوان هر وقت وڇايل رهندو هو. ٿرپارڪر جي ارباب امير حسن جي باري ۾ ته مشهور هو ته اهو گهر آيل ڪنهن به شخص کي ماني کائڻ بنا وڃڻ نه ڏيندو هو، اهو پري کان ايندڙ شخص کي آرام ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪندو هو ۽ واپس ويندي، ايندڙ جي مالي حيثيت ڏسي  رستي جو خرچ به ڏيندو هو.

ديوان سنگهه مفتون پنهنجي ڪتاب “سيف و قلم” ۾ جيڪو “ناقابل فراموش” جو ٻيو حصو آهي، “فياضي ۽ فطرت جو تعلق” جي عنوان سان هڪ مضمون ۾ لکيو آهي “انسان جي سخي يا ڪفايت شعار هجڻ جو تعلق ان جي فطرت سان آهي، ۽ ان جي فطرت جو اندازو ان جي ننڍپڻ جي زماني مان ئي لڳائي سگهجي ٿو، ۽ ان جو تعلق پئسا گهٽ يا وڌيڪ هجڻ سان قطعي ناهي. يعني هڪ غريب ۽ مفلس شخص به سخي ٿي سگهي ٿو ۽ هڪ ڪروڙ پتي جو به ڪفايت شعار يا ڪنجوس هجڻ ممڪن آهي، جيڪو هڪ پئسو خرچ نه ڪندو هجي.

“موجوده مهاراجا” (هي مضمون پاڪستان جي قيام ۾ اچڻ کان اڳ لکيو ويو هو) پٽيالا جي ننڍپڻ جو زمانو هو ته پاڻ هڪ پارسي ڪرنل مستري جي تحويل ۾ هو. هي ڪرنل مستري ڏينهن رات مهاراجا (جيڪو ان زماني ۾ ولي عهد هو) جي نگراني ڪندو هو. هڪ ڏينهن ڪرنل مستري ان مهاراجا کي ڪرڪيٽ سيکاري رهيو هو ته ھن ڏٺو ته ڪرڪيٽ جي سامان ۾ هڪ بال پيو هو، جيڪو ڦاٽي پيو هو. ڪرنل مستري جڏهن اهو بال ڏٺو ته پاڻ ملازم کي حڪم ڏنو ته ان بال کي ڦٽو ڪيو وڃي ۽ ان جي جاءِ تي نئون بال رکيو وڃي. هي مهاراجا (ولي عهد) ويجهو ئي بيٺو هو ۽ ان جي عمر تيرنهن سال هئي. هن ڪرنل مستري کي چيو ته ان بال کي ڦٽو نه ڪيو. موچي کان سلائي ڪرائي وٺو، اهو ڪجهه ڏينهن اڃا ڪم ڏيندو. ڪرنل مستري ولي عهد جي واتان جڏهن اهي لفظ ٻڌا ته اهو تمام گهڻو حيران ٿيو ڇو ته هڪ سکئي شخص جي واتان انهن لفظن جو نڪرڻ ان جي اميد جي خلاف هو. هن ولي عهد جي والد کي يعني مرحوم مهاراجا پٽيالا کي ڪرنل مستري جڏهن ولي عهد جو اهو واقعو ٻڌايو ته مرحوم مهاراجا کي تمام گهڻو صدمو پهتو. هن محسوس ڪيو ته هي شهزادو فطري طور سخي ناهي ۽ ڪنهن رياست جي حڪمران جي لاءِ سخي نه هئڻ هڪ وڏي ڪمزوري آهي. جيڪا ان لاءِ مهانگي ثابت ٿيندي آهي. ڇو ته مرحوم مهاراجا پٽيالا جهڙو سخي شخص واليان رياست جي حلقي ۾ پيدا ئي نه ٿيو هو، جنهن پنهنجي زندگي ۾ ڪروڙين رپيا (ان زماني ۾) خرچ ڪيا. مرحوم جي ستارن جو ئي اثر هو، جو جيستائين زنده رهيو، خزاني ۾ رپين جي ڪڏهن کوٽ نه ٿي، ۽ موجوده مهاراجا (ولي عهد) جي ستارن جي اثرن کي سمجهو ته پاڻ فطرتن بي حد ڪفايت شعار آهن، ۽ ڪنهن ٻئي جو ڇا سوال، پنهنجا ڀائر، ڀينر ۽ قريبي عزيز به سندس ڪفايت شعارين کان تنگ آهن.” ديوان سنگهه مفتون اهڙا درجنين واقعا لکيا آهن.

سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهو ڇا ڪن، ڪٿي وڃن، ڪنهن کي شڪايت ڪن. اهي جن جن ماڻهن وٽ ڪم ڪندا هئا، جن جن ماڻهن جي خدمت داري جي ذميداري سرانجام ڏيندا هئا، ضرورت وقت پئسا هئڻ باوجود هٿ ڇڪي ٿا وٺن. انهن سڀني جو هڪ ئي خيال هوندو آهي ته حڪومت انهن جي سار سنڀال لهي. حڪومت اهڙي جو امتحان جو هي وقت گذرڻ بعد به ڪنهن کان نه پڇندي ته اهي ئي ماڻهو “اڪثر متاثر” اوهان جي خدمت انجام ڏيندا آهن ته اوهان انهن جي سار سنڀال ڇو نٿا لهو. متاثر پنهنجي پاڻي نيڪال جو مطالبو ته حڪومت کان ڪري رهيا آهن، زميندارن کي اصولي طور پاڻي جي نيڪال جو انتظام پاڻ ڪرڻ گهرجي، پر ان تي ڊيزل جو پئسو، موٽر جو ڪرايو، مزدوري وغيره جو خرچ “اهي غريب” زميندار نٿا لڳائي سگهن ته حڪومت ڪندي آهي. پر هي زميندار ته پنهنجي هارين ۽ علائقي جي ضرورت مندن کي ٻن وقتن جي ماني ته فراهم ڪري سگهندا آهن پر انهن کان اهو به ناهي ٿي سگهندو. جڏهن ته چونڊن جي وقت ته پئسن کي پاڻيءَ وانگر وهائيندا آهن. ضلعي نوشهرو فيروز ۾ هڪ وڏو زميندار هوندو آهي. چونڊن ۾ حڪمران جماعت جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿيندو رهندو آهي. جڏهن  ماڻهن کي پاڻي ۾ گهيرو ڪري ويو ته اھي زميندار جي دروازي تي پھتا ۽ عرض ڪيو ته پاڻي ڪڍرائڻ جو ڪو انتظام ڪيو وڃي. هو سيد آهن، شاهه صاحب پنهنجي ملازم کي حڪم ڏنو ته چونڊن جي زماني جو رجسٽر آڻي ڏي، جڏهن رجسٽر اچي ويو ته انهن کي چيو ته ڏسو رجسٽر ۾ انهن ماڻهن جا نالا آهن. ملازم ٻڌايو ته انهن جا نالا موجود آهن. شاهه صاحب سوالين کي چيو ته اوهان ماڻهن تي مون کان ووٽ ڏيڻ جا پئسا ورتا هئا، هاڻي پاڻي ڪڍرائڻ جي ذميداري منهنجي ڇو ٿي بڻجي.؟ اوهان ماڻهو هليا وڃو. شاهه صاحب سان ته ماڻهن جي ملاقات به ٿي وئي پر اڪثر زميندار ته ملاقات ئي ناهن ڪندا. انهن جا ملازم صرف هڪ ئي جواب ڏيندا آهن ته “سائين آرام پيو ڪري”. ان تماشگاهه ۾ جڏهن به حالتون معمول تي اچن، حڪومت کي سوچڻو پوندو ته ڪنهن جي ڪهڙي ذميداري آهي ۽ ڪير اها ذميداري ادا ڪرڻ جو پابند هوندو. حالتون ته تبديل ٿينديون آهن، ان لاءِ مشهور شاعر جگر مراد آبادي چيو آهي ته “طول شب فراق سي نه گهبرا اي جگر، ايسي ڀي ڪوئي شام هي جس ڪي سحر نه هو”.