ڇا سنڌ پوليس پنهنجو مورال وڃائي چڪي آهي؟

0
153
پرائويٽ اسڪولن جا “ريڪي” جا شڪار ٻار

 ڪجهه لکڻ کان اڳ ۾ لفظPolice جي تشريح ضروري آهي ته آخرPolice لفط ڇا جو مخفف آهي.. لفظ پوليس مخفف آهي Public Officer for Legal investigation and criminal emergencies پوليس جي ڇهن اکرن جا مخفف جاچڻ کانپوءِ ڇا اهو يقين سان چئي سگهجي ٿوته موجوده پوليس جي ڪنهن به اهلڪار کان آفيسر تائين اهي گُڻ سڀني ۾ موجود  آهن.؟ پوليس ۾ اُن جي نالي جي مناسبت سان اهڙو ڪجھھ به ناهي جنهن جي آڌار تي اهو چئي سگهجي ته هن جو بنياد دنيا ۾ پهريون ڀيرو عظيم مسلم سلطنت طرفان وڌو ويو هو! پوليس محڪمي کي انهيءَ خيال جي پوئواري ڪندي ننڍي کنڊ ۾ جڏهن نئين سر تشڪيل ڏيئي ٺاهيو ويو هو ته انگريز بهادر طرفان پوليس جي انهن سمورن اکرن کي  محڪمي جي رُوح مطابق پرفيڪٽ بڻايو ويو هو. پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ اهلڪار کان آفيسر تائين سڀني کي ايماندار ۽ فرض شناس بنائڻ لاءِ ٿاڻن جي دروازن تي اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم جهڙا فرض شناسيءَ وارا لفظ لکيا ويا .  اهو ان ڪري جو ان مان ٿاڻي تي پنهنجي فرياد کڻي ايندڙ هر سائل کي اهو محسوس ٿئي ته پوليس محڪمو ڪو ظالمن، جابرن ۽ يزيدن جو نه آهي بلڪه خالص عوامي خدمت گذارن جومحڪمو آهي!ماضي ۾ پوليس جو ڪردار ايترو خراب ۽ مشڪوڪ نه هو جيترو هينئر آهي. مڃون ٿا ته پوليس کي به پنهنجا فرض نڀائڻ لاءِ مختلف قسم جي ڏوهارين سان مختلف قسمن جون حڪمتِ عمليون اپنائڻيون پونديون آهن، جنهن ۾ انهن سان دوستيون رکڻ کان وٺي انهن جون دعوتون کائڻ ۽ کارائڻ، تحفه وٺڻ کان کين تحفا ڏيڻ،  پوليس ريڊ ٿيڻ تي کين اڳواٽ اطلاع ڏيڻ ته (جيئن اُهي اڳ ئي ڪنهن محفوظ مقام تي نڪري وڃن)، اهڙيون گهڻيون ئي حڪمتِ عمليون آهن جيڪي پوليس کي مجبورن به اپنائڻيون پونديون آهن جنهن جي آڌارتي ئي پوليس پنهنجون خفيه ڪارروايون ڪري ڏوهارين تائين رسائي حاصل ڪري سگهندي آهي. مگر انهن سمورن حڪمتِ عملين جي باوجود هت پوليس جو ڪردار سدائين مشڪوڪ ۽ سواليه رهيو آهي.(جيئن چوندا آهن ته پوليس مرڻو به کائي ته پرڻو به کائي يا پوليس يار دشمن ڌار نه ڌار).

ڪالھھ واري اخبار پڙهندي هڪ ڊبل ڪالمي خبر تي نظر پئي خبر مطابق ته سوراھھ ٿاڻي جي ايس ايڇ او تي مقامي ڪورٽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس سَت سُريون ٻڌايون ۽ ڀوتارن جو ڪمدار ڪوٺيو. سچ ته ڪنهن ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي ڀوتارن جو ڪمدار سڏڻ جي جرئت فقط هڪ جج ئي ڪري سگهي ٿو! ڇو ته هڪ ايس ايڇ او شهر جي هر اَڇي ڪاري جو مالڪ هوندو آهي. خير ڳالھھ پئي هلي ايس ايڇ اوز جي بادشاهين جي ته اهي ايس ايڇ او عرف بادشاھ سلامت ايندي ئي ڏوهارين جي لسٽ گهرائي پهرين انهن سان دوستيون رکندا آهن. مگر جڏهن سندن مطلب ختم ٿي ويندو آهي ته ڏوهاري به فِنش ته دوستي به ختم. جنهن جي ردِ عمل۾ڏوهارين جا ٻيا ساٿي يا مائٽ الزام هڻندا آهن ته اسانجي (ڏوهاري) مُڙس کي اَلاڻي فلاڻي ايس ايڇ او يا پوليس وارن دوستي رکي ڌوڪي سان گهرائي مارايو آهي، نه ته انهن جي ته ڪيترن ئي ورهين کان سچي دوستي هئي.وغيره وغيره اِتان ئي پوليس وارن ۽ ڏوهارين جي وچ ۾ سرد جنگ کان گرم جنگ جي شروعات ٿيندي آهي.اهوئي سبب آهي جوڪافي پوليس وارا (ايستائين جو ايس ايڇ او ليول جا اهلڪار به) پلاند ۾ ڏوهاري مافيا کان مارجي ويندا آهن.

پوليس ۽ ڏوهارين جي پراڻي تعلقاتن کان ڀلا ڪير واقف ناهي! ميڊيا ( خاص طور تي سوشل ميڊيا) تي روزانو اهڙيون خبرون، تصويرون يا وڊيوز وائرل ٿينديون رهنديون آهن جنهن ۾ ڏوهاري عُنصر(ڌاڙيل) ڪا واردات ڪري ڪنهن ماڻهو کي اغوا ڪري پوءِ ان تي تشدد ڪرڻ واري هڪ وڊيو ڇڏيندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ پوليس تي وڏو دٻاءُ پئجي ويندو آهي ته جلدي مُغوي کي بازياب ڪرايو وڃي، ايئن ڪجھھ ڏينهن ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مقابلو ڄاڻائي مغوري بازياب ٿي ٿو وڃي.( اسانکي ڪنهن به مسڪين، بيوس يا لاچار ماڻهوَ جي ظالم ڌاريلن وٽ قيد هجڻ تي خوشي ناهي) مگر اهڙي مقابلي تي سوال ته اُٿندا ته مُغوي/مُغوين کي مقابلي مهل ڪو رهڙ/ خراش به ناهي ايندو ۽ نه ئي ڪنهن پوليس واري کي ڪا رهنڊ ايندي آهي.خير  پوءِ به مُغوين کي بازياب ڪرائي وارثن سان ملائڻ جو پوليس جو اهڙو عمل ساراهڻ جوڳو هوندو آهي. جنهن جي نتيجي ۾مُغوي جي وارثن پاران وري پوليس کي اُن جي ”شاندار“ ڪاميابيءَ تي هار پارايا ويندا آهن بازياب ٿيل مُغوين جون تصويرون پوليس وارن سان گڏ سوشل ميڊيا تي لوڊ ڪيون وينديون آهن. پوليس لوڪل صحافين کي ٿاڻي تي گهرائي پريس ڪانفرنس ڪندي آهي ۽ فخر سان اُن مقابلي جا تفصيل ٻڌائيندي آهي (جنهن ۾ هڪ گولي به ناهي هَليل هوندي!) ان باري ۾صحافي مُغوين کان سوال پڇندا آهن ته اوهان ڪيئن آزاد ٿيا؟ ته مُغوي اڳ ۾ئي پڙهايل سبق تحت جواب ڏيندا ته کين پوليس مقابلو ڪري ڇڏايو آهي. بهرحال اصل ڳالھھ آهي پوليس جي ڪردار ۽ مورال جي. روز اخبارن ۾پڙهڻ لاءِ اهڙيون خبرون به ملنديون آهن ته فلاڻي جاءِ تي پوليس ڪنهن ٽرڪ يا گاڏيءَ تي ڇاپو هڻي هيڏا مڻ چرس ۽ هيترا ڪلو هيروئن هٿ ڪيو آهي. جنهن مان وري پوليس وڏي چالاڪيءَ سان اڌ منشيات لڪائي (پاڻ جهلي) اڌمنشيات ظاهر يا ضبط ڪندي آهي. ڳالھھ اِتي ختم نه ٿي ٿئي ماڻهن کي اغوا ڪرائڻ وري انهن کي بازياب ڪرائڻ ۾ به پوليس پاڻ ملوث نڪرندي آهي. اهڙي طرح گاڏين خاص طور تي موٽر سائيڪلن جي چورين ۾ پڻ پوليس اهلڪار مُلوث ڏٺا ويا آهن. ايستائين جومنشيات جا اڏا۽ جُوا جون ٽڪريون به پوليس جي سَرپرستي ۾هلنديون آهن..

تازو گهوٽڪي ۽ ڪشمور ضلعي جي بدنام ڌاڙيل/ ڏوهاري سلطوشر کي پوليس جنهن مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي سو به مشڪوڪ ٻڌايو پيو وڃي. سڀئي ڄاڻن ٿا ته سالن کان هتان جي پوليس ۽ ڌاڙيل سلطو شر جي ٽولي جي وچ ۾”هٿ جوڙ“ واري واٽ هئي. اوهان مان گهڻن کي ياد هوندو جو ڪي سال اڳ انهيءَ سوشل ميڊيا تي هتان جي هڪ پوليس جي ضلعي سطح جي آفيسر ۽ ان جي سپاھھ (مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز) جون ڪچي ۾ سلطو شر جي دعوت کائيندي تصويرون ۽ وڊيوز لِيڪ ٿيون هيون.سومعاملو اهو آهي ته سلطوشر هتي جيڪي وارداتون ڪندو هو  تنهن ۾ پوليس جي سڌي يا اڻ سڌي طرح ملوث هجڻ کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. اها پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته سلطو شر ڪو معمولي چور چَڪو ڪونه هو سلطو شر ڪيترن ئي وارداتن ۾ پوليس کي گهربل هو. سو 25 سالن تائين اهو سلطو شر هتي ڪيئن وارداتون ڪندو رهيو ۽ ڪنهن جي ڏڍ تي ايڏا وڏا جُرم ڪندو رهيو. اهو ۽ ان سان ملندڙ جُلندڙ ڪيترائي سوال پوليس جي ڪردار تي سواليه نشان آهن. هاڻي جڏهن سلطو شر (حڪومت جي هڪ پاليسي تحت) ڏوهن جي دنيا به ڇڏي چڪو هو، هاڻ هُو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن۽ پوليس سان گڏجي ڏوهارين خلاف ڪم ڪري پيو ته پوءِ وري ان کي ڏوهن جي دنيا ۾ واپس ڪنهن آندو؟ ته ظاهر جواب آهي پوليس. سياڻا چوندا آهن ته هتي پنهنجي  رٽ، طاقت، داٻي ۽ ڌوئنس کي برقرار رکڻ لاءِ پوليس پاڻ ئي(هٿ وٺي) ڏوهاري پيدا ڪندي آهي. انهن کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪري مقصد ختم ٿيڻ تي ماري ڇڏيندي آهي. ان طرح سان ته هن سماج مان نه ڏوھھ ختم ٿيندا ۽ نه ڏوهاري.

 ايئن ته انگريز جي ڪاري دور ۾ به ڪونه ٿيندو هو ته هڪ ڏوهاري جيڪو ڏوهن جي دنيا ڇڏي رياست جو وفادار ٿي ويندو هو ته ان کي معافي ڏني ويندي هئي. يا ڏوهاري ٽولن لاءِ عام معافي جو اعلان ٿيندو هو جيڪومستقل هوندو هو.سو اڄ جنهن سلطو شر کي پهريان  اوهان معافي ڏيئي پوءِ ماري ڇڏيو آهي ان طرح ته سڀاڻي ڏھھ ٻيا سلطو شر پيدا ٿيندا. چون ٿا ته هاڻي سلطو شر جا ٻار پڙهي رهيا هيا. سو هاڻي ته انهن جي پڙهڻ جو ڪو آپشن ئي ناهي ظاهر آهي سڀاڻي وڏا ٿي  اُهي به ڌاڙيل ٿيندا. چَرچل چيو هو هو ته هڪ اسڪول جو در کولڻ (هڪ ٻار اسڪول ۾ داخل ڪرڻ) هڪ جيل جو در بند ڪرڻ جي برابر آهي! مگر اوهانکي ڇا؟ اوهان جي ته شايد گُلشن جو ڪاروبار ئي ايئن هلندو آهي.