سنڌ جي مختلف علائقن ۾ بدنظمي ۽ بدانتظامي جي واقعن سبب پولنگ عمل متاثر

0
181

ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ بدنظمي ۽ بدانتظامي جي واقعن سبب پولنگ عمل متاثر، قبو سعيد خان جي يوسي بگو دڙو ۾ بيلٽ پيپرز جي غلط ڇپائي سبب پولنگ شروع نه ٿي سگھي

 دوڙ جي يوسي سومر خان جمالي ۾ بيلٽ پيپرز جي غلط ڇپائي سبب ووٽرز ۽ اُميدوار پريشان، سنڌڙي جي يوسي اسماعيل ڪُنڀار جي پولنگ اسٽيشن تي ووٽر لسٽون دير سان پهچڻ سبب ووٽنگ دير جو شڪار ٿي آھي

 پڪا چانگ جي ٻن يوسيز ڪرونڊي ۽ يوسي 10 تي ووٽرز جا نالا گُم ٿي ويا آھن، نئون ڪوٽ جي وارڊ نمبر 4 ۾ بيلٽ پيپرز تي اُميدوارن جا چونڊ نشان غلط ڇَپجڻ جي نتيجي ۾ چونڊ عمل شروع نه ٿيو

ڇاڇرو جي يو سي جيسي جو پار تي 700 بيلٽ پيپرز غائب ٿي ويا، نوشهروفيروز جي ٽن وارڊز ۾ ووٽر لسٽون غائب ٿي ويون، ٺارو شاهه جي وارڊ نمبر 7 ۾ بيلٽ پيپر تي اُميدوار آزاد اُميدوار جو چونڊ نشان غائب ٿي ويو