شادي ڏينهن ڦيرا ڏيڻ وقت نشي سبب بيهوش ٿي وئي هيس: نيتو ڪپور

0
200
شادي ڏينهن ڦيرا ڏيڻ

نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا نيتوڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ شادي واري ڏينهن پنهنجي ڦيرن وقت نشي جي حالت ۾ هئي جنهن ڪري بي هوش ٿي وئي هئي

ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي نيتوڪپور پنهنجي شادي واري ڏينهن جون ڪجهه يادون تازيون ڪيون جنهن ۾ هن رشي ڪپور ۽ پاڻ سان پيش آيل دلچسپ واقعي جو به ذڪر ڪيو

نيتوڪپور ٻڌايو ته اسان جي شادي تي تمام گھڻا مهمان اچي ويا هئا، ڪيترائي اهڙا ماڻهو هئا جن کي اسان گھرايو ئي نه هيو. نيتوڪپور وڌيڪ ٻڌايو ته مان ۽ رشي شادي واري ڏينهن ماڻهن جو هجوم ڏسي ڊڄي وياسين

ڄڃ اچڻ کان اڳ گھوڙي تي ويهندي رشي ڪپور بي هوش ٿي ويو هو ۽ ڪجهه دير کانپوءِ هوش ۾ آيو، بعد ۾ جڏهن شادي تقريب جي شروعات ٿي ته اسان پاڻ کي پرسڪون رکڻ لاءِ شراب پي ورتو

هن چيو ته ڦيرن ڏيڻ وقت مان نشي جي حالت ۾ هئس ۽ ان وقت بيشمار ماڻهو هئا، ان ڪري مان بيهوش ٿي ڪري پيس جنهن کانپوءِ مونکي هوش ۾ آندو ويو ۽ اسان جي شادي مڪمل ٿي