سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿڌ دوران ڪوهيڙي سبب زندگي مفلوج بڻيل

0
128
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿڌ دوران ڪوهيڙي سبب زندگي مفلوج بڻيل
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿڌ دوران ڪوهيڙي سبب زندگي مفلوج بڻيل

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿڌ دوران ڪوهيڙي سبب زندگي مفلوج بڻيل، ٽريفڪ جو نظام سخت متاثر ٿيڻ لڳو آهي

ٿڌ ۽ ڪوهيڙي سبب شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا، قمبر، شهدادڪوٽ، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، دادو، واهي پانڌي، دوڙ، ڪنڊيارو، لاڙڪاڻو، موهن جو دڙو ۽ ٻين علائقن ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار رهيو

 گپچاڻي، ڀريا سٽي، اڳڙا، سنگرار، بهرام، فيض گنج، ڪوٽ لالو، مبارڪپور ۽ ٻين شهرن ۾ به شديد ڪوهيڙو رهيو

 سجاول جوڻيجو، اڪري چودڳي، ڪنڌرا، مورو، سلطان پور، منهڙو، گمبٽ، هنڱورجا، ميهڙ، پير وسڻ ۽ ٻين علائقن ۾ به ڪوهيڙو رهيو

 موهن جو دڙو ويجهو ڪوهيڙي دوران گڏهه گاڏي ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر سبب پرائمري استاد نصير هيسباڻي فوت ٿي ويو