پي ٽي آءِ بيٽ جو چونڊ نشان واپس وٺڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست واپس وٺي ڇڏي

0
63
پي ٽي آءِ بيٽ جو چونڊ نشان واپس وٺڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست واپس وٺي ڇڏي
پي ٽي آءِ بيٽ جو چونڊ نشان واپس وٺڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست واپس وٺي ڇڏي

پي ٽي آءِ بيٽ جو چونڊ نشان واپس وٺڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست واپس وٺي ڇڏيو آهي

 چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ درخواست تي ٻڌڻي شروع ڪئي ته بئرسٽر گوهر خان چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي درخواست واپس وٺي رهي آهي، چيف جسٽس سوال ڪيو ته توهان ڪير آهيو، حامد خان صاحب ڪٿي آهي؟

بئرسٽر گوهر چيو ته مان درخواست گذار جو وڪيل آهيان، حامد خان چيو ته اسان جو ڪيس هن وقت پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ آهي

چيف جسٽس چيو ته توهان اٿي نه بيٺا آهيو، اهو ٻڌايو ته ڇا توهان هن ڪيس ۾ وڪيل نه آهيو؟

حامد خان چيو ته مان هن ڪيس ۾ وڪيل نه آهيان، چيف جسٽس چيو ته سڀاڻي ڪير اچي چوي ته اسان درخواست واپس نه ورتي آهي ته پوءِ؟

علي ظفر ڪٿي آهي، ان کي ته اعتراض نه آهي؟

حامد خان چيو ته علي ظفر کي اعتراض نه آهي، هن وقت هو پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ آهي، عدالت پي ٽي آءِ جي درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي