سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پولنگ دوران جهيڙا ۽ ڇڪتاڻ

0
76
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پولنگ دوران جهيڙا ۽ ڇڪتاڻ
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پولنگ دوران جهيڙا ۽ ڇڪتاڻ

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پولنگ دوران جهيڙا ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال نظر آئي

غوثپور جي پولنگ اسٽيشن دڙي سندراڻي ۾ ٻن سياسي ڌرين جي ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ ٿي، جنهن دوران ڏنڊا ۽ گوليون لڳڻ سبب 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا،پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا پهچي ويا

دريا خان مري جي پولنگ اسٽيشن طالب مري تي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو، صورتحال تي ضابطي لاءِ پاڪ فوج جا جوان پهچي ويا

سرهاڙي جي پولنگ اسٽيشن حاجي ميوو زرداري ۾ به ٻن سياسي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو

فيض گنج جي پولنگ اسٽيشن وزيرآباد تي جهيڙي بعد پولنگ بند ڪئي وئي

حيدرآباد جي لطيف آباد ۾ بيلٽ پيپرز ڦرڻ جو واقعو پيش آيو، جتي اڻڄاتل ماڻهو پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿي بيلٽ پيپرز کڻي ويا، عملي ۽ اميدوارن جي ايجنٽن احتجاج رڪارڊ ڪرايو

اين اي 220 سٽي جي پولنگ اسٽيشن تان بيلٽ پيپرز گم ٿي ويا، عملي جي شڪايت تي پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار پولنگ اسٽيشن نمبر 118 تي پهچي ويا

حيات اسڪول لطيف آباد جي پولنگ تي به جهيڙي جو اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ رينجرز پهچي وئي

هي به پڙهندا

ڊي آءِ خان ۾ پوليس تي بم سان حملو، 4 اهلڪار شهيد