سنڌ جي مختلف شهرن ۾ طوفاني برسات، گرمي جو زور ٽٽي ويو

0
345

خيرپور، نواب ولي محمد، ڳڙھي ياسين، ورڪشاپ، مبارڪپو، جھول، شاهپور چاڪر، کڏڙو، چونڊڪو، ڪوٽ لالو، مٺياڻي، ميان صاحب، نئون ڪوٽ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪٿي طوفاني ته ڪٿي هلڪي برسات سبب وڻ پٽجي ويا ۽ بجلي جو نظام ڊانوا ڊول ٿي ويو، : نواب ولي محمد ۽ ڀرپاسي مٽي جي طوفان کان پوءِ برسات پوڻ سان گرمي جو زور ٽٽي ويو، موسم خوشگوار ٿي وئي ۽ علائقي مان بجلي غائب ٿي وئي، ڳڙھي ياسين ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به طوفاني ھوا سان گڏ تيز برسات شروع ٿيڻ سان گرمي جو زور ٽٽي ويو، ورڪشاپ شهر ۽ ڀرپاسي ۾ سانوڻي جي مند جو پهريون وسڪارو پوڻ سان جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار بڻجي وئي، خيرپور شھر ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ ھوا سان گڏ تيز برسات پوڻ سان روڊن رستن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيھجي ويو، بجلي بند ٿي وئي، سنجهورو ۾ شديد گرمي کانپوءِ تيز هوا سان گڏ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، نارا تعلقي جي مختلف علائقن چونڊڪو، کينهواري،۔سائدو، سڪندر آباد، ناراگيٽ، تجل، ڪاٺوڙ۔ ۽ ڪوٽ جبو واري علائقن ۾ مٽي جي طوفان بعد برسات جاري آهي، بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، ڪوٽ لالو ۾ تيز برسات سبب پاڻي شھر جي مختلف گهٽين ۽ روڊن رستن تي بيهجي ويو، ڄام صاحب شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز ھوا سان گڏ وسڪارو پوڻ سان موسم خوشگوار بڻجي وئي، ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ دڙي لنجواڻي ۾ طوفان سبب پورهيت علي مدد چاڪراڻي جي گھر مٿان بجلي جو پول ڪري پيو جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڀلوڙ ٻڪر مري ويا.