سنڌ جي خوراڪ کاتي جي نااھلي ۽ مبينا ڪرپشن، ھزارين مڻ ڪڻڪ خراب

0
446
سنڌ جي خوراڪ کاتي جي نااھلي

سانگھڙ/ ڀان سيد آباد(نمائندن وٽان) سانگھڙ ۽ ڀان سيد آباد ۾خوراڪ کاتي جي نااھلي سبب ھزارين مڻ ڪڻڪ خراب ٿي وئي، ٻوڏ ۽ برسات متاثر توڙي مهانگائي سٽيل عوام کي سستو اٽو نه ملي سگهيو

ھڪ طرف سنڌ ۾ اٽي جي اگھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافن جي ڪري غريب عوام پريشان آھي ته ٻئي پاسي سانگھڙ ۾ خوراڪ کاتي جي نا اھلي ۽ مبينا ڪرپشن سبب ھزارين مڻ ڪڻڪ خراب ٿي وئي

شهر ۾ کليل آسمان ھيٺ پيل ڪڻڪ جا ذخيرا به تباھه ٿي ويا ۽ خوراڪ کاتي جو عملو خراب ڪڻڪ کي به کائڻ جي ڪوالٽي واري ڪڻڪ  ۾ ملائي رھيا آھن

خوراڪ کاتي جي اھڙي نا اھلي تي لاڳاپيل اداري جي اعليٰ عملدارن پاران ڪڻڪ جي بچاءُ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا ۽ خوراڪ کاتي جي عملدارن پنهجو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

هوڏانهن ڀان سيد آباد ۾  خوراڪ کاتي جي نااھلي سبب سرڪاري گودام ۾ پيل ھزارين ڪڻڪ جون ٻوريون خراب ٿي ويون

سرڪاري گودام ٻنڀا، مناھيون ۽ گودام ٽلٽي تي پيل ھزارين ڪڻڪ جون ٻوريون ٻوڏ جي پاڻي سبب خراب ٿي ويون آهن

خوارڪ کاتي جي عملدارن پنھنجي نااھلي  لڪائڻ لاءِ ڳجهه ڳوھه ۾ خراب ٿيل ڪڻڪ  ڀان فوڊ سينٽر تي منتقل ڪري ڇڏي، جڏهن ته ٻوڏ سبب خراب ٿي ويل ڪڻڪ جون ٻوريون کلي آسمان ھيٺ پيل  آهن

ڪڻڪ خراب ٿيڻ سبب سنڌ جي سرڪاري خزاني کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي ۽ خراب ٿيل ڪڻڪ جي ڪري علائقي ۾ بدبو ڦھلجي وئي جنهن سان مختلف بيمارين منھن ڪڍڻ جو خدشو آهي

ھي به پڙھندا

ماتلي۽ ٽنڊي باگي ۾ اٽو مهانگو، ڪلو 130 رپيا ملڻ لڳو