لنڊن(اسپورٽس نيوز) ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين ٽينس جي دنيا تي راڄ ڪندڙ راجر فيڊرر رٽائر ٿي ويو آهي، آخري ميچ کانپوءِ سندس ساٿي رانديگر رافيل نڊال به لڙڪ لاڙي ويٺو ۽ فيڊرر آلين اکين سان ٽينس ڪورٽ الوداع چيو. ٽينس جي دنيا جي عظيم رانديگر ۽ ويهه گرينڊ سَلم ٽائٽل کٽڻ واري راجر فيڊرر ليور ڪپ ۾ آخري ڀيرو ايڪشن ۾ نظر آيو، سندس مخالف سمجهي ويندڙ رافيل نڊال سندس ڊبلز ساٿي طور تي ميچ کيڏي. ليور ڪپ نڊال ۽ فيڊرر جي جوڙي کي جان سوڪ ۽ فرانسس ٽيافو شڪست ڏني. ميچ جي پڄاڻي تي سوئس ٽينس اسٽار فيڊرر پنهنجن جذبن تي ظابطو نه رکي سگهيو ۽ ڪورٽ ۾ موجود پنهنجي گهرواري ۽ ساٿي رانديگرن کي ڀاڪر ۾ ڀريندي لڙڪ لاڙي ويٺو. اسپين سان واسطو رکندڙ رافيل نڊال پڻ پنهنجي ساٿي رانديگرن جي الواداعي ميچ جي موقعي هنجون هاري ويٺو