ڪراچي (نمائندن وٽان) ٻولين جي عالمي ڏينهن تي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ساڃاهه وندن پاران مظاهرا ڪري ريليون ڪڍيون ويون ۽ ميڙاڪا ۽ سيمينار منعقد  ڪيا ويا، خبر موجب حيدرآباد جي گورنمينٽ ڪاري موري ڪاليج ۾ مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سيمينار منعقد ڪيو ويو، ميرپورخاص ۾ ايس يو پي جاڳرتا ويهڪ ڪوٺائي وئي، جنھن کي اڪبر  لغاري، تاج رند، منظور ميمڻ، اڪبر شر ۽ ٻين خطاب ڪيو، سکر ۾ ايس يو پي ۽ سنڌي ادبي سنگت طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۽ سيمينار منعقد ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ ايس يو پي پاران  جڳديش آهوجا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ريلي ڪڍي وئي، بدين ۾ ايس يو پي پاران امير آزاد پنهور، حيدرشاھ، دانش نور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، عمرڪوٽ ۾ ايس يو پي پاران حاجي ساند، جمن دربدر، روشن منڱريو، گل بجير، ميھار بنگلاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، نوشهروفيروز ۾ ساس ۽ سگا پاران زاھد راڄپر، مظھر خاصخيلي، ارباب ملاح، غلام مرتضيٰ تڳر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، دادو ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران تابش بخاري، عمران سومرو، ضمير ڪوريجو ۽ جي ايم پنهور جي اڳواڻي ۾ اديبن ، شاعرن مظاهرو ڪيو، ٺٽو ۾ ڏات ڌڻين رمضان ميمڻ، نور سرائي، صفدر ٺٽوي، ڊاڪٽر مارو خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، شھدادڪوٽ ۾  حاڪم مستوئي، حمل خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڪنڌڪوٽ ۾  دلمراد ڏاهاڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي ۽ ٻين ريلي ڪڍي، ڄامشورو ۾ ايس يو پي طرفان نثار لاکير، حافظ بخشل سهڙو، ديدار چانڊيو، باغي جي ايم شورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڪوٽڙي ۽ مانجهند ۾ ايس يو پي پاران ريليون ڪڍيون ويون، پليجاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران امداد علي شاھ، سھراب ٻاٽي، عداس سولنگي جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي، خيرپورناٿن شاھ  ۾ ايس يو پي ۽ سياف پاران سيمينار ٿيو، جنهن ۾ غلام محمد گاڏھي، نظير ٻٻر، عباس چانڊيو، حسين آزاد لغاري، وسيم ڀرڳڙي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ٺاروشاهه ۾ ايس يو پي، جسم، ايس ٽي پي، جسقم ۽ سول سوسائٽي پاران رضا محمد بهڻ، عرفان ڏاهري، متل عباسي، فرحان سومرو، ڪاشف سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، محرابپور ۾ سچل ڪميونٽي ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاران محمد نواز ڀٽي، اسد مڱڻهار، ذوالفقار جلباڻي، ضمير حسين شيخ ۽ بين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، نيوسعيدآباد ۾ ايس يو پي طرفان ريلي ڪڍي وئي، جوهي ۾ ايس يو پي پاران سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ غلام قادر لغاري، جمن ٻٻر، انيس لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، شاهپور جهانيان ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران مٺل جسڪاڻي، عبدالفتاح ٻگهيو، حامد لغاري، ظفر ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، قاضي احمد ۾ ايس يو پي طرفان رياض ڪاڪو، ايم بي ڏاھري، ڌڻي بخش ڪلوئي، محسن راھو، جي ايم شاھ، علي دوست ملوکاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڦل ۾ سگا طرفان پروفيسر بخش علي چانڊيو، خالد ميمڻ، پروفيسر رياض احمد چانڊيو، استاد غلام مرتضيٰ ڦل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، مورو ۾ شمع ڪمپيوٽر سينٽر تي سنڌي ادبي سنگت پاران سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ياسين شاھ، مھجور غلام حيدر سولنگي، رضا لانگاھ، رسول بخش گچيرائي، خليق ٻگھيو، خالد ڳوراھو، اظھار مخدوم ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ٻئي پاسي سنڌ سماجي سٿ پاران ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ رمضان چانڊيو، رزاق مستوئي، زنوار حسين شاهه، مسعود سومرو، سرمد ڪلهوڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، سيوهڻ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران جاڳرتا ريلي نڪتي، ميھڙ ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي ڪانفرنس ٿي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر برڪت جتوئي ڪئي، ماتلي ۾ ماتلي اتحاد پاران رفيق ميمڻ، علي چوهاڻ، ممتاز زنئور، باسط شاه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي، اڏيرولال ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران احساس ميرل سهتو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، لعلورائنڪ ۾ ايس يو پي پاران  احمد علي تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڳيريلو ۾ سول سوسائٽي پاران خالد سنڌي، علي رضا جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، باڊھه ۾  جسقپ ۽ ايس يو پي پاران پنهل ساريو، وحيد ڪانڌڙو ۽ ٻين ريلي ڪڍي، ٺل ۾ مختلف تنظيمن پاران ريلي ڪڍي وئي، موهن جو دڙو ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ ايس يو پي پاران ريلي ڪڍي وئي، پکو ۾ جسقپ پاران دودو ديشي جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي، ٺري ميرواهه ۾ ايس يو پي ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران تقريب ڪوٺائي وئي، پنو عاقل ۾ سنڌي ادبي سنگت طرفان پريل دايو، عاصم کوسو، مجيد جسڪاڻي، ذوالفقار ڪورائي، حيات رضوي جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي، سوڀوديرو ۾ ساس پاران لالڻ چنا، منير چنا، منير ميمڻ، مرتضيٰ شيخ، خادم سومرو جي اڳواڻي ۾ ريڪي نڪتي، سنڌي ادبي سنگت شاخ الهڏنو عامر، نوجوان اتحاد پيروسڻ ۽ پ ٽ الف ٺري ميرواھ پاران ريلي ڪڍي وئي، پيارو اسٽيشن ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ سگا پاران مظاهرو ڪيو ويو، راڻيپور ۾ جيئي لطيف فورم پاران تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾  ساڃاهه وندن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي، ريلين ۽ مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ملڻ گھرجي، هنن چيو ته پوري دنيا اندر 7 ھزار 2 سئو ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون جن مان سنڌي ٻولي شاهوڪار ٻولي آھي، جنھن جي بچاءُ لاءِ سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا موجود آھن جيڪا پنھنجي حصي جو گھڻو ڪم ڪري رھي آھي، ھنن چيو ته سرائڪي، ريگستاني پھاڙي ۽ پنجابي ٻولي به سنڌي ٻولي جو حصو آهن جتان به مھراڻ وھي ٿو اھا به سنڌ آھي، هنن چيو ته سنڌي ٻولي دنيا جي قديم ٻولي آھي ملڪ ۾ مادري ٻولين کي اھميت نه ڏيڻ افسوسناڪ آھي. هنن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ مادري ٻولين سان حڪمرانن جو رويو نامناسب آھي، هاڻي ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ٿيڻ گھرجي.