سنڌو دريا ۾ٻڏي ويل نوجوان جو لاش نه مليو

0
209
ڄام صاحب پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مبينا مقابلو، 2 ڏوهاري مارجي ويا
ڄام صاحب پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مبينا مقابلو، 2 ڏوهاري مارجي ويا

ٺاروشاھ (ن پ ا) ٺاروشاھ ڀرسان سنڌو دريا ۾ پير ترڪڻ سبب ڪري فوت ٿيل نوجوان عرفان ڀرٽ جو لاش 72 ڪلاڪ گذرڻ بعد به هٿ اچي نه سگهيو آهي

نيوي جا ٽوٻا ڪلھ کان لاش جي ڳولا ڪرڻ ۾ مصروف وارث روئي روئي بيحال بڻجي ويا,

ٽي ڏينهن اڳ ٺاروشاھ ڀرسان ڪچي جي علائقي ڳوٺ احمد جا ڀاڻ ۾ مال چاريندي پير ترڪڻ سبب عرفان ڀرٽ سنڌو دريا ۾ ڪري ٻڏي ويو هو

نوجوان جو 72 ڪلاڪ گذرڻ بعد به لاش ھٿ اچي نه سگهيو هي، مقامي ۽ نيوي جا ٽوٻا لاش جي ڳولا ڪري رهيا آهن، پر هن مهل تائين لاش ھٿ اچي نه سگهيو آھي، جنهن سبب نوجوان جا وارث روئي روئي بيحال بڻجي ويا آھن