لاڙڪاڻو ( بيورو رپورٽ ) پي ٽي آءِ سينيٽر فيصل واوڊا جي نااهلي بعد پيپلزپارٽي سنڌ مان خالي سينيٽ جي سيٽ  تان نثار کهڙي کي اميدوار نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي نثار کهڙي جي ترجمان تصديق ڪندي چيو ته نثار کهڙي اليڪشن ڪميشن کان نامزدگي فارم وصول ڪيو آهي، جيڪو اڄ 19 فيبروري تي جمع ڪرايو ويندو. ھن جو چوڻ هو ته پارٽي قيادت جي ئي ھدايتن تي نثار کهڙو سينيٽ جي سيٽ لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائي رھيو آھي پر پارٽي جي ٽڪيٽ ڏيڻ جي فيصلي جو اڃا انتظار آهي، پارٽي قيادت جنهن کي به ٽڪيٽ جاري ڪندي اھو ئي اميدوار پيپلزپارٽي جو اميدوار ھوندو. نثار کهڙو 2018ع جي عام چونڊن ۾ نامزدگي فارم رد ٿيڻ ڪري لاڙڪاڻي جي صوبائي تڪ پي ايس 11 تان چونڊ مقابلي کان ٻاهر ٿيو هو. جنهن بعد سندس نياڻي ندا کھڙو چونڊ وڙھي ھئي پر ھن مخالف جي ڊي اي اميدوار معظم عباسي کان ھارائي وئي هئي.نثار احمد کهڙو پنهنجي سياست پيپلزپارٽي مخالف تحريڪ استقلال کان شروع ڪئي بعد ۾ ھو پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيو. 1988ع کان ھو وارھه تعلقي جي صوبائي سيٽ کان وٺي لاڙڪاڻي جي صوبائي سيٽ تائين 7 ڀيرا چونڊ وڙھي ايم پي اي ٿيندو رهيو آهي. نثار کھڙو مخلتف کاتن جو صوبائي وزير ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر به رھيو آھي. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته نثار احمد کهڙو کي سينيٽر چونڊائڻ کان پوءِ پارٽي قيادت کانئس پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر وارو اھم عھدو واپس وٺندي. ٻڌايو پيو وڃي ته سينيٽ جي  عام چونڊ دوران به نثار کهڙو کي اميدوار طور حصو وٺرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، پر نثار کهڙو انڪار ڪيو هو جنهن ڪري پارٽي قيادت مٿس ناراض ٿي سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار وارو عھدو واپس وٺي ڇڏيو هو.