ڪنڌڪوٽ ضلعي مان ٽن معصوم ٻارڙن سميت 14 ڄڻا اڃا به ڌاڙيلن وٽ قيد

0
501

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽر) ڪنڌڪوٽ مان 8 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نينگر سمرت ڪمار ته بازياب ٿي ويو، باقي معصوم ٻارن سميت اغوا ٿيل مغوين جي بازيابي پوليس لاءِ چئلينج بڻيل آهي، نينگر سمرت ڪمار جي بازيابي بعد سندس گهر ۾ خوشي واري لهر پيدا ٿي وئي

 نينگر جي امڙ جو چوڻ آهي ته سڄي سنڌ جي ٿورائتي آهيان، پٽ جي بازيابي تي سڀني کي مبارڪون، سمرت جي والد اجيت ڪمار ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته، ٽائيم نيوز جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون جنهن پٽ جي اغوا واقعي کي ڀرپور ڪوريج ڏني

 ايس ايس پي شڪاپور امجد شيخ دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي بعد سمرت کي بازياب ڪرايو ويو، پوليس ڪجهه جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، نينگر سمرت کي ڀنگوار برادري جي گينگ اغوا ڪيو هو

 ذريعن موجب مغوي نينگر سمرت ڪمار جي بازيابي ڳجهي ڊيل ذريعي ٿي آهي، پوليس ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪرڻ بدران نينگر کي ڊيل تحت بازياب ڪرايو

ڪنڌڪوٽ ضلعي مان ٽن معصوم ٻارڙن سميت 14 ڄڻا اڃا به ڌاڙيلن وٽ مغوي بڻيل آهن، مغوي ٻارڙن ۾ 2 سالن جي ڪوثر کوسو، 3 سالن جو محمد عظيم ميڻڪ ۽ 10 سالن جو واجب علي گولو شامل آهن

ٻارڙو محمد عظيم ميڻڪ رسالدار واري علائقي مان 4 ڏينهن اڳ گهر ٻاهران اغوا ٿي ويو هو،  واجب علي گولو سميت ٻن ڄڻن کي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان هفتو اڳ گاڏي تي فائرنگ ڪرڻ بعد اغوا ڪيو ويو هو

 ٻارڙِي ڪوثر کوسو 5 مهينا اڳ انڊس هاءِ وي تان پنهنجي امڙ نازيا سميت اغوا ٿي هئي،  ڪنڌڪوٽ ضلعي مان ٻارڙن سميت اغوا ٿيل 14 ڄڻن جا وارث اڄ به پنهنجن پيارن جي واپسيءَ جا منتظر آهن

هي به پڙهندا

اڪري چودڳي پوليس مبينا اغوا ٿيل 2عورتن ۽ 3ٻارڙن کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام