خديجه شاهه پوليس جي حراست ۾ آهي، هُن جي سڃاڻپ پريڊ هلي رهي آهي: محسن نقوي

0
334

پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو آهي ته خديجه شاهه پوليس جي حراست ۾ آهي، گرفتار ٿيل عورتن سان بدسلوڪي جون خبرون بي بنياد آهن

پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 9 مئي تي 32 عورتون گرفتار ٿيون هيون، جن مان 11 جيل ۾ آهن، مائرن ۽ ڀينرن جو تحفظ منهنجي ذميواري آهيKhadijah Shah hasn't turned herself in yet: police

هن جو چوڻ هو ته خديجا شاهه  پوليس جي حراست ۾ آهي، هوءَ جيل ۾ آهي ۽ سندس سڃاڻپ پريڊ ٿي رهي آهي، جناح هائوس تي حملي ۾ ملوث ڪير ڪيڏو به بااثر ڇو نه هجي، کيس بخش نه ڪيو ويندو

ٻئي پاسي ٽوئيٽر تي صارفين خديجه شاهه جي وڊيو شيئر ڪندي ٽوئيٽس ڪري رهيا آهن ته ڇا خديجه شاهه آزاد ٿي وئي آهي، پر پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جو ان تي چوڻ آهي ته خديجه شاهه اڃان جيل ۾ آهي