سلمان ايشوريا کي خودڪشي جي ڌمڪي ڏني: ڀارتي ميڊيا

0
188
سلمان ايشوريا کي

ممبئي (شوبز نيوز) سلمان خان ۽ ايشوريا راءِ وچ ۾ وڇوٽين وڌڻ جو ڪارڻ اڪثر ماڻهن کي معلوم نه آهي، ان بابت ئي انڪشاف ٿيو آهي ته ٻنهي وچ ۾ فلم ”هم دل دي چڪي صنم“ جي شوٽنگ دوران ويجهڙائپ ٿي ۽ گڏ وقت گذارڻ لڳا، ڪجهه عرصي کانپوءِ ٻنهي ۾ وڇوٽين جون خبرون به سامهون اچڻ لڳيون

ڀارتي ميڊيا موجب سلمان خان، ايشوريا تي گهڻو حاوي هو ۽ ان جي ڪنهن ٻئي اداڪار سان دوستي برداشت نه ڪندو هو، سلمان جي ان رويي سبب هن پريشان ٿي کيس ڇڏي ڏنو، جيڪا ڳالهه سلمان خان لاءِ برداشت جوڳي نه هئي. ايشوريا جي پري ٿيڻ کانپوءِ سلمان خان هڪ ڀيري اڌ رات جو اداڪارا جي فليٽ تي پهتو ۽ در کڙڪائڻ شروع ڪيو

ايشوريا سلمان سان نه پئي ملڻ چاهيو، تنهن ڪري هن دَر به نه کوليو پر سلمان خان مسلسل دَر کي ڌڪ هڻندو رهيو، هن ايترو در کڙڪايو جو سندن هٿن مان رت وهڻ شروع ٿي ويو ۽ پوءِ هن ايشوريا کي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن تو در نه کوليو ته مان هيٺ ٽپو ڏئي ڇڏيندس. ان واقعي ايشوريا جي برداشت جي حد ختم ڪري ڇڏي ۽ هن سلمان خان کان پنهنجا لاڳاپا مڪمل طور ختم ڪري ڇڏيا ۽ سال 2002 ۾ اهو جوڙو الڳ ٿي ويو، ٻنهي بابت خبرون ايشوريا راءِ جي بچن خاندان ۾ شموليت کانپوءِ ختم ٿي ويون.