ٽن جاڙين ڀينرن هڪ ئي نوجوان سان شادي ڪري ڇڏي

0
527
ٽن جاڙين ڀينرن هڪ

ڪيپ ٽائون(دلچسپ نيوز) ٽن جاڙين ڀينرن هڪ ئي وقت هڪ ئي نوجوان سان شادي ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.  پرڏيهي ميڊيا موجب آفريقي ملڪ ڪانگو ۾ 3 (گڏجي ڄاول) ڀينرن هڪ ئي شخص سان شادي ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب 32 سالن جي لوويزو ٽن ڀينرن ناديگي، نتاشا ۽ نتالي سان شادي ڪئي

رپورٽن مطابق لوويزو جو چوڻ آهي ته هو ٽن (گڏ ڄاول) ڀينرن سان گڏ ڪيل شادي جي آڇ کي رد نه ڪري سگهيو، ان ڪري هن ٽنهي سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. منهنجا والدين پريشان هئا ته مان ڇا ڪري رهيو آهيان. اهو ئي سبب آهي ته انهن منهنجي شادي ۾ شرڪت نه ڪئي. مون کي ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه وڃائڻو پوندو آهي تنهنڪري مون کي پريشاني ناهي ته ٻيا ڇا سوچيندا. مان شادي ڪري خوش آهيان.