سلمان خان سان ڳجهي شادي وارين خبرن تي سوناڪشي جو ردعمل

0
224
سلمان خان سان ڳجهي

ممبئي(شوبز نيوز) سوناڪشي سنها بالي ووڊ اداڪار سلمان خان سان ڳجهي شادي جي خبرن تي آخرڪار خاموشي ٽوڙي ڇڏي. گذريل ڪجهه ڏينهن کان بالي ووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان ۽ دبنگ اداڪارا سوناڪشي سنها جي ڳجهي شادي جون خبرون سامهون آيون هيون. ٻنهي جي هڪ تصوير وائرل ٿي هئي جنهن ۾ سلمان خان گهوٽ ۽ سوناڪشي سنها ڪنوار هئي

تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ جوڙي جي ڳجهي شادي جون خبرون باهه وانگر پکڙجي ويون. بعد ۾ ڀارتي ميڊيا ٻنهي جي ڳجهي شادي جي ترديد ڪندي چيو هو ته اها تصوير جعلي هئي ۽ ڪنهن ان تصوير کي ايڊٽ ڪري وائرل ڪيو هو. سلمان خان پنهنجي ۽ سوناڪشي سنها جي شادي جي خبرن بابت ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو. جڏهن ته سوناڪشي سنها ان خبر تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي. سوشل ميڊيا اڪائونٽ جنهن تي اها ايڊٽ ڪيل تصوير شيئر ڪئي وئي هئي ان تي تبصرو ڪندي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ماڻهو بيوقوف آهن جو اصل ۽ نقل تصوير ۾ فرق نٿا ڪري سگهن؟