سعودي عرب ڪورونا سبب لڳل سموريون سفري پابنديون ختم ڪري ڇڏيون

0
328
سموريون سفري پابنديون ختم
سعودي عرب ڪورونا سبب لڳل سموريون سفري پابنديون ختم ڪري ڇڏيون

پرڏيهه مان سعودي عرب اچي رهيو آهي ڪورونا سبب مسافرن تي لڳل سموريون پابنديون ختم ويون آهن

سعودي صحت واري وزارت موجب سعودي عرب اچڻ لاءِ ڪورونا خلاف ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻ جي شرط ختم ڪئي وئي آهي ۽ سعودي عرب اچڻ کانپوءِ يا اچڻ کان اڳ پي سي آر ٽيسٽ ڪرائڻ جي شرط کي به ختم ڪيو وئي آهي

سعودي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته سعودي عرب اچڻ کان پوءِ يا ان کان اڳ قرنطينه جي شرط وڌيڪ ناهي رهي

سعودي صحت واري وزارت موجب پابنديون هٽائڻ جو فيصلو مثبت ڪيسن جي انگ ۾ گهٽتائي کانپوءِ ڪيو ويو آهي

ھي به پڙھندا

سعودي عرب مان پاڪستان ايندڙ مسافرن لاءِ ڪورونا ٽيسٽ لازمي قرار