سنڌ سوڌوپوري ملڪ ۾ يوم پاڪستان جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

0
186
سنڌ سوڌو سڄي ملڪ

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ اڄ يوم پاڪستان وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، مختلف شهرن ۾ پاڪستاني جهنڊا کڻي ريليون ڪڍيون پيون وڃن

يوم پاڪستان جي موقعي تي اڄ سڄي ملڪ ۾ عام موڪل آهي، يوم پاڪستان جي موقعي تي فجر جي نماز کانپوءِ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون

ڏينهن جي شروعات توپن جي سلامي سان ڪئي وئي جنهن ۾ وفاقي راڄڌاني ۾ 31 ۽ صوبائي راڄڌاننن  ۾ ، 21،21 توپن جي سلامي ڏني وئي

يوم پاڪستان تي هٿياربند فوج جي پريڊ اڄ اسلام آباد ۾ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جا جوان حصو وٺي رهيا آهن

آرمرڊ ڪور، آرٽلري ۽ ايئر ڊفينس انجنيئرز جا دسرا دشمنن تي خوف طاري ڪرڻ واري فوجي سامان سان گڏ پريڊ ۾ حصو وٺ رهيا آهن ۽ ايس ايس جي ڪمانڊوز فري فال جو مظاهرو ڪندا

ٻئي طرف مزار اقبال تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جتي پاڪ فضائيه جي خاص دستن اعزازي گارڊز جون ذميواريون سنڀاليون

يوم پاڪستان جي موقعي تي حيدرآباد، ڄامشورو، سيوهڻ، دادو، سانگهڙ، نواب شاهه، لاڙڪاڻو، ميرپور خاص، مٺي، ڪنري، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، مورو، سکر ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ شاگردن توڙي استادن ۽ شهرين پاڪستان جا جهنڊا کڻي ريليون ڪڍي پنهنجي ملڪ سان محبت جو اظهار ڪيو


ھي به پڙھندا

https://thetimenews.tv/%d8%a7%d8%b3%d8%a7%d9%86-%d8%b0%d9%85%d9%8a%d9%88%d8%a7%d8%b1-%d8%a7%d9%8a%d9%bd%d9%85%d9%8a-%d8%b7%d8%a7%d9%82%d8%aa-%d8%a2%d9%87%d9%8a%d9%88%d9%86%d8%8c-%d8%b3%d9%85%d9%88%d8%b1%d9%86-%d9%85%d9%84/