سعودي عرب مان پاڪستان ايندڙ مسافرن لاءِ ڪورونا ٽيسٽ لازمي قرار

0
262

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) سعودي عرب مان پاڪستان ايندڙ مسافرن لاءِ ڪورونا ٽيسٽ لازمي قرار، سول ايويئيشن اٿارٽي سعودي کان ايندڙ مسافرن لاءِ 5 مئي کان ايس او پيز تبديل ڪري ڇڏيا، سي اي اي اختيارين جو چوڻ آهي ته سعودي عرب مان ايندڙ مسافرن لاءِ ڪورونا ٽيسٽ لازمي هوندي، ٽيسٽ رپورٽ 72 ڪلاڪ کان وڌيڪ پُراڻي نه هجي، مسافرن کي پنهنجي خرچ تي قرنطينه ٿيڻو پوندو، حيدرآباد ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 18 سيڪڙو ٿي وئي، سول اسپتال حيدرآباد ۾ وڌيڪ هڪ عورت ڪورونا وگهي فوت، ميرپور خاص واسڻ 44 ورهين جي نازش کي ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو هو، بلوچستان ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 20 سيڪڙو کان وڌي وئي، صوبائي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ مثبت ڪيسز جي شرح 23 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.