ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ خوراڪ کاتو ڪڻڪ جو امدادي اگهه 2000 رپيا في مڻ مقرر هجڻ باوجود 49 سيڪڙو خريداري مس ڪري سگهيو، اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جو اگهه 1900 کان 1950 رپيا في مڻ مقرر هجڻ سبب سرڪار لاءَ 14 لک ٽن ڪڻڪ جي خريداري چيلنج بڻجي وئي، پرڳڻي جي 3 ضلعن سکر، گھوٽڪي ۽ خيرپور ۾ گھٽ ڪڻڪ جي خريداري ٿي آهي. ان حوالي سان ورتل جائزي موجب حڪومت پاران هلندڙ سال ڪڻڪ جو امدادي اگهه 2 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ باوجود ڪڻڪ جي خريداري وارو ٽارگيٽ حاصل ٿي ناهي سگھيو. حيدرآباد ضلعي ۾ 20 هزار ٽن جي مقرر حدف مان رڳو 5 هزار 714 ٽن، مٽياري ۾ 40 هزار ٽن مان 10 هزار 514، ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ به 40 هزار ٽن مان 14 هزار 12 ميٽرڪ ٽن، ٽنڊي محمد خان ۾ 15 هزار ٽن مان 4 هزار 950 ميٽرڪ ٽن، بدين ۾ 25 هزار ٽن مان 10 هزار 444 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ٿي سگھي آهي. ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي گڏيل حدف 21 هزار ٽن مان 14 هزار 771 ٽن، دادو ۾ 90 هزار ٽن مان 53 هزار 85 ٽن ، ڄامشوري ۾ 60 هزار ٽن مان صرف 30 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي وئي، اهڙي طرح ميرپورخاص ۾ 35 هزار ٽن مان 18 هزار 355 ٽن، عمرڪوٽ ۾ 20 هزار ميٽرڪ مان 16 هزار 780 ٽن، سکر ضلعي ۾ 67 هزار ٽن مان 32 هزار 746 ٽن، گھوٽڪي ۾ هڪ لک 45 هزار مان 46 هزار 249 ٽن، خيرپور ضلعي ۾ به هڪ لک 45 هزار ٽن مان 75 هزار 24 ٽن ڪڻڪ خريد ٿي آهي. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 69 هزار ٽن مان 43 هزار 719 ٽن، قمبر ضلعي ۾ 65 هزار 25 ٽن مان 50 هزار 160 ٽن، شڪارپور ۾ 38 هزار مان 21 هزار 516 ٽن، جيڪب آباد ۾ 34 هزار 25 مان 24 هزار ٽن، ڪشمور ضلعي ۾ 61 هزار 125 مان 32 هزار 852 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي وئي آهي. شهيد بينظير آباد ۾ هڪ لک 33 هزار مان 66 هزار 682 ٽن، سانگهڙ ۾ 130 مان 56 هزار 445 ٽن ۽ نوشهروفيروز ۾ هڪ لک 45 هزار مان 57 هزار 126 ٽن ڪڻڪ جي خريداري جو ٽارگيٽ مس مڪمل ٿيو آهي، خوراڪ کاتي جي ذريعن موجب صوبي ۾ ڪڻڪ خريداري جو 14 لک ٽن ٽارگيٽ مقرر ٿيل آهي پر هن وقت تائين رڳو 6 لک 86 هزار 151 ٽن ڪڻڪ جي خريداري ٿي سگھي آهي. ذريعن موجب سکر ڊويزن ۾ ٻين ڊويزنن کان گھٽ خريداري ٿي آهي.