ڪراچي: ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪاررواين جو فيصلو، سنڌ جي مختلف شهرن کان ڪراچي جي مارڪيٽن ۾ ايندڙ ڪڻڪ روڪڻ لاءِ ڪاٺوڙ پُل وٽ خوراڪ کاتي جي اختيارين پاران چيڪ پوسٽ قائم ڪئي وئي آهي، فوڊ کاتي جي عمدارن موجب رڳو انهي چيڪ پوسٽ تان ڪراچي جي فلور ملن ڏانهن ايندڙ ڪڻڪ ڇڏي ويندي. ان حوالي سان خوراڪ کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ خريداري ۾ سست رفتاري جو هڪ سبب اهو آهي ته آبادگار ۽ واپاري انهي انتظار ۾ آهن ته اهي اگھه وڌي وڃڻ بعد ڪڻڪ ڪراچي ڏانهن اماڻيندا، ذريعن موجب وفاقي حڪومت ڪڻڪ درآمد ڪري پئي، جيڪا هتي 3500 رپيا في ٻوري ( اڍائي مڻ) ملندي، ان ڪري ذخيرو ڪندڙن کي اڳتي هلي سرڪاري اگھه کان به گھٽ ريٽ کي ڪڻڪ وڪڻڻي پوندي. اختيارين جو چوڻ آهي ته 15 جون تائين ٽارگيٽ مڪمل ٿي ويندو، جيڪڏهن مقرر وقت تائين ٽارگيٽ پورو نه ٿيو ته جون جو پورو مهينو خريداري ڪري ٽارگيٽ پورو ڪيو ويندو.