سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ويجهو قومي شاهراهه چوٿون ميل اسٽاپ تي نامعلوم گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا. سڪرنڊ ويجهو قومي شاهراهه تي نامعلوم گاڏي پاران موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو ويو. نتيجي ۾ سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ دٻي ڪيريو واسي 35 سالن جو محمد حنيف ولد غلام حيدر ڪيريو، لطيف ڪالوني سڪرنڊ واسي 33 سالن جي شبير احمد ولد عبدالله رند ٻئي موقعي تي فوت ٿي ويا. جن کي تعلقي اسپتال سڪرنڊ آندو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته فوت ٿيل محمد حنيف ڪيريو جي ڀاءُ محمد سليم ڪيريو ٻڌايو ته اسان جي دشمني هلندڙ آهي شڪ آهي ته ڪنهن گاڏي هڻي کين ماريو هجي، ٻئي فوتي پاڻ ۾ دوست هئا ڪنهن ڪم سان وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. هوڏانهن پوليس جاچ شروع ڪري ڏني.