سجاول ۾ مبينا طور عورت گهٽا ڏئي قتل

0
239
ڪراچي: اورنگي ٽائون

سجاول (ن پ ا) سجاول جي وارڊ نمبر 6 حق آباد ڪالوني ۾ 27 ورهين جي ناري مسمات زبيده ملاح مبينا طور گهٽا ڏئي قتل، عورت کي سول اسپتال سجاول آندو ويو جتي ڊاڪٽرن موت جي تصديق ڪئي، جنهن بعد وارث لاش گهر کڻائي ويا ، اهڙو اطلاع پاڙي وارن پوليس کي ڏنو پوليس عورت کي قتل ڪندڙ سندس مڙس سومار ملاح کي گرفتار ڪيو پر پوليس گرفتاري کان لا تعلقي ظاهر ڪري ڇڏي، ذريعن جو چوڻ آهي ته عورت جي قتل جي الزام ۾ پوليس پاران گرفتار ڪيل عورت جي مڙس کي ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو پر ايس ايڇ او جوابدار کي گرفتار ڪرڻ کان انڪار ٿو ڪري، پوليس کان موقف وٺڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتاسين ته ايس ايڇ او سجاول ٽائيم نيوز جي ڪئميرامين کان ڪئميرا ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪئميرا مين کي ڌڪا ڏنا ويا، موقف ڏيڻ کان بنا ٿاڻي مان اٿي روانو ٿي ويو.