لاکا روڊ ڀرسان باھھ سبب 15 گهر سڙي رک

0
227

لاکا روڊ (ن پ ا)لاکا روڊ ڀرسان ڳوٺ ۾ باهه ڀڙڪي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 15 گهر سڙي رک ٿي ويا، ڳوٺ ستار ڏنو مڱريو ۾ هڪ گهر کي لڳل باهه طوفاني هوائن سبب ٻين گهرن کي به وڪوڙي ورتو، باهه سبب 15 گهر سڙي رک ٿي ويا، جڏهن ته ڳوٺاڻن پاران باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪوششون جاري، متاثرن جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سبب گهرن ۾ پيل هنڌ، بسترا، ان نياڻين جو ڏاج ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي ويو.