صالح پٽ ۽ شهداد ڪوٽ ۾ جهيڙا، 13 ڄڻا زخمي

0
351
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

صالح پٽ(ن پ ا) صالح پٽ ويجهو سڱاوتي تڪرار تان مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڳوٺ گدرڙهارو ۾ جهيڙي دوران ڌرين هڪ ٻئي تي ڏنڊن جو وسڪارو لائي ڏنو، زخمين ۾ مسمات ليلان، مختيار خاتون، محمد الياس، محمد فاروق ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف شهدادڪوٽ ويجهو پئسن جي ڏيتي ليتي تان بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڳوٺ بختيار بروھي ۾ جهيڙي دوران مير گل، احمد نواز، غلام رسول ۽ محب علي بروهي زخمي ٿي پيا، جي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،