جھول ۾ آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف نٽهڻ اس تي ڌرڻو

0
225

جھول (ن پ ا) جھول ۾ شاهو برانچ جي پڇڙي جي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف شهدادپور روڊ تي احتجاج ڪندي سخت نعربيازي ڪئي، آبادگارن اڪبر مڪراني، الاهي بخش مڪراني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نٽهڻ اس ۾ شهدادپور روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ بند ٿي وئي، ان موقعي تي آبادگارن دانهيو ته شاهو برانچ جي پڇڙي ۾ رشوت نه ڏيڻ ڪري گذريل هڪ مهيني کان پاڻي بند ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري هزارين ايڪڙن تي بيٺل وونئڻ جو فصل تباھه ٿي ويو ۽ زمينون سڪي ٺوٺ ٿي رهيون آهن، هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته پاڻي فراهم ڪري گهڻي نقصان کان بچايو وڃي..