سانگھڙ (رپورٽر) سانگهڙ سول اسپتال ۾ عورتن جي ويم گھر ۾ مرد ڊاڪٽرن عورتن جي ڊليوري جون تصويرون ڪڍي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيون، ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ڊي جي هيلٿ نوٽيس ورتو، خبر موجب سانگهڙ جي ويم گهر ۾ عورتن جي ويم جون آر ايم او ڊاڪٽر شبير شينا تصويرون ڪڍي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون، جنهن بعد شهرين ۾ تاءُ پکڙجي ويو، شهرين جي شڪايت تي ايڊيشنل سيڪريٽري هيلٿ مولا بخش شيخ ۽ ڊي جي هيلٿ جمن باهوٽو نوٽيس ورتو، رابطو ڪرڻ تي ڊي جي هيلٿ ٻڌايو ته شهرين جي شڪايت جو ازالو ڪيو ويندو، آر ايم او ڊاڪٽر شبير شينا غير اخلاقي ڪم ڪيو آهي، مرد ڊاڪٽر کي ويم دوران روم ۾ وڃڻ جي اجازت ناهي، معاملي جي انڪوائري ڪرائي ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻئي پاسي شهرين محمد حسن لانڊر، محمد رحيم خاصخيلي ۽ ٻين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عورتن جا ويم دوران ورتل فوٽو اخلاق کان ڪريل حرڪت آهي، سول اسپتال ۾ مسڪين ماڻهو ايندا آهن، جن جي به عزت هوندي آهي، سندن تصويرون ٺاهي  سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندڙ ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.