صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ لڳ پاڻي جي نالي جي کوٽائي تان چاچڙ ۽ مھر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو قتل، 7 ڄڻا زخمي. ان ڏس ۾  ڳوٺ سوڀو مھر ۾ پاڻي جي نالي جي کوٽائي تان چاچڙ ۽ مھر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنھن ۾ لٺيون، ڏنڊا ۽ پٿر لڳڻ سبب 8 ڄڻا اشفاق چاچڙ، عابد چاچڙ، امداد چاچڙ، سجاد چاچڙ، ساھٿ علي چاچڙ، ثابت علي چاچڙ، الطاف حسين چاچڙ، رضا علي چاچڙ  زخمي ٿي پيا، زخمين کي علاج لاء تعلقه اسپتال روھڙي منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته زخمين مان ھڪ ڄڻي 45 ورهين جي امداد ولد خادم حسين چاچڙ جي حالت ڳڻتي جوڳي  هجڻ سبب سکر منتقل ڪيو ويو. جتي نوجوان  زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو،  صالح پوليس موجب ته  چاچڙ ۽ مھربرادري جي ٻن ڌرين ۾  پاڻي جي نالي جي کوٽائي تان جھيڙو ٿيو آھي جنھن ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿيا آھن. جڏهن ته هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.