اوڊيشه(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارتي رياست اوڊيشه ۾ گهوٽ ۽ هن جي خاندان جي ماڻهن کي ڪنوار جي رخصتي لاءِ پوري رات پنڌ سفر ڪري صرف ان لاءِ وڃڻو پيو ڇو ته رياست ۾ ڊرائيورن طرفان هڙتال ڪئي وئي هئي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اهڙو واقعو اوڊيشه جي ضلعي رائگڙا ۾ پيش آيو جتي گهوٽ ۽ هن جي گهر وارن کي ڪنوار وٺي اچڻ لاءِ 28 ڪلو ميٽر پنڌ سفر ڪرڻو پيو. ڊرائيورن جي هڙتال سبب گهوٽ ۽ هن جا گهر وارا شادي لاءِ گاڏيءَ جو بندوبست نه ڪري سگهيا هئا. اهي سناکنڊي ڳوٺ مان خميس جي رات تي هليا ۽ صبح ديبا لاپاڙو ڳوٺ پهتا جتي شاديءَ جي تقريب ٿي. گهوٽ جا گهر وارن جو چوڻ هو ته ڊرائيورن جي هڙتال سبب ڪابه ٽرانسپورٽ دستياب نه آهي، اسان سڄي رات پنڌ ڪري پهتا آهيون، اسان وٽ ٻيو ڪوبه رستو نه هو. شادي جمعي جي صبح تي هئي تنهن ڪري گهوٽ ۽ سندس گهر وارن کي ڊرائيورز ايسوسيئيشن طرفان هڙتال سبب ڪنوار جي گهر ئي رهڻو پيو.