سامونڊي طوفان جي شدت ۾ اضافو، تيز برساتن جي اڳڪٿي: مهاڻن جي لڏ پلاڻ

0
409
سامونڊي طوفان جي شدت ۾ اضافو
سامونڊي طوفان جي شدت ۾ اضافو، تيز برساتن جي اڳڪٿي: مهاڻن جي لڏ پلاڻ

ڪراچي(نمائندن وٽان) عربي سمنڊ ۾ سنڌ ڏانهن وڌندڙ سامونڊي طوفان جي شدت ۾ وڌيڪ تيزي اچي وئي آهي

بائپر جواءِ طوفان ڪراچي کان ڏکڻ طرف 600 ۽ ٺٽي کان ڏکڻ پاسي 780 ڪلوميٽرز تي موجود آهي

چيف ميٽرالاجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته طوفان 15 جون تي گجرات ۽ سنڌ جي وچ واري علائقي سان ٽڪرائيندو، 13 کان 15 جون تائين ٺٽو، سجاول، بدين، ٿرپارڪر، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ۾ مٽيءَ جي طوفان ۽ شديد برساتن جا امڪان آهن

120 ڪلوميٽرز في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلڻ جو خدشو آهي، 8 کان 10 فوٽ تائين اوچيون سامونڊي لهرون اچڻ جا امڪان آهن

14 جون کان 16 جون تائين ڪراچي، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، شهيد بينظيرآباد ۽ سانگهڙ ۾ به طوفاني هوائن سان شديد برساتن جا امڪان آهن

چيف ميٽرالاجسٽ جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ هوائن جو رخ سمنڊ ڏانهن هئڻ سبب 2 ڏينهن تائين شديد گرمي پوڻ جا امڪان آهن

ڪراچي ۾ گرمي پد 40 سينٽي گريڊ کان به وڌي سگهي ٿو، 14 جون کانپوءِ طوفان جي اثرن سبب ڪراچي ۾ آنڌي ۽ تيز برساتون پئجي سگهن ٿيون

ٻئي سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ لڏپلاڻ تيز ٿي وئي آهي، ٻيٽن، ڪِريڪس ۽ سمنڊ ڪنارن جا رهواسي پنهنجي مدد پاڻ تحت محفوط هنڌن تي منتقل ٿي رهيا آهن

حجامڙو ۽ ڀوري ڪريڪس جا رهواسي ڪيٽي بندر شهر توڙي ٻگهاڻ منتقل ٿي رهيا آهن

ٺٽو، بدين، سجاول، گولاڙچي، چوهڙ جمالي ۽ ٻين ساحلي علائقن ۾ ڪيترائي ماڻهو انتظاميا جي ليف آپريشن جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آهن

انتظاميا جو چوڻ آهي ته پهرئين مرحلي ۾ ٻيٽن جي آبادين کي رليف ڪيمپس ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي، فوج ۽ نيوي جي ٽيمن جي مدد سان ريسڪيو آپريشن جاري آهي

ڪوشش آهي ته طوفان جي ٽڪرائڻ کان اڳ سمورن ماڻهن کي محفوظ هنڌن ۽ ڪئمپس ۾ منتقل ڪيو وڃي، بدين جي زيرو پوائنٽ وارن ڳوٺن مان به 2 هزار ماڻهو محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

هن کي به پڙهندا

ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪري رهيا آهيون، باقي الله ڀلو ڪندو: مراد شاهه

بدين جي زيرو پوائنٽ واري علائقي جي ڳوٺ ڀڳڙا ميمڻ مان ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي: وڏي وزير کي بريفنگ

سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ شديد برساتن ۽ طوفاني هوائون گهلڻ جا امڪان

عربي سمنڊ ۾ شدت اختيار ڪري ويل طوفان بائپر جواءِ سنڌ ۽ گجرات ڏانهن وڌڻ لڳو

سامونڊي طوفان بائپر جواءِ ۾ وڌيڪ شدت، ڪراچي پورٽ تي الرٽ جاري

جاتي جي ڳوٺاڻن جي ذهنن تي 1999ع واري طوفان جي تباهي تري آئي

سامونڊي طوفان: ڪمشنر ڪراچي پاران بل بورڊ ۽ سائن بورڊ هٽائڻ جو حڪم

سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ شديد برساتن ۽ طوفاني هوائون گهلڻ جا امڪان

سامونڊي طوفان: ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي ساحلي علائقن جي آبادين کي منتقل ڪرڻ جون تياريون تيز

مهاڻن کي بچائڻ لاءِ ڪي به انتظام ناهن  ڪيا ويا: فشر فوڪ فورم