ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪري رهيا آهيون، باقي الله ڀلو ڪندو: مراد شاهه

0
290
ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪري رهيا آهيون، باقي الله ڀلو ڪندو: مراد شاهه
ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪري رهيا آهيون، باقي الله ڀلو ڪندو: مراد شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سامونڊي طوفان جي خطري سبب سنڌ جي ساحلي علائقن جي 50 هزار ماڻهن کي ٻاهر نڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي

وڏي وزير مراد علي شاهه ٺٽو، بدين ۽ سجاول جو فضائي معائنو ڪرڻ بعد ڪيٽي بندر ۾ ڳالهائيندي چيو ته ساحلي علائقن مان ماڻهو نه نڪتا ته وڏو جاني نقصان ٿيندو

هن چيو ته هزارين ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ٽرانسپورٽيشن، رهائش ۽ ٻين سهولتن جو بندوبست ڪيو ويو آهي، متاثرين کي ٺٽي جي ڇانوڻي، ٻين فوجي سهولتن ۽ اسڪولن ۾ ترسايو ويندو

ساحلي علائقن جي ماڻهن وٽ ٻاهر نڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به آپشن نه آهي، پاڪ فوج جا جوان به امدادي ڪارروائين لاءِ بدين ۽ ٻين ساحلي علائقن ۾ پهچي ويا

ڊي سي آفيس سجاول ۾ ميري ٽائيم سڪيورٽي جي ڪموڊور جواد حيدر وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته کاروڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر جي علائقن مان ماڻهن کي ڪڍڻو پوندو، انهن علائقن ۾ سامونڊي لهرون وڏيون ٿي وينديون

 ڪمشنر حيدرآباد بريفنگ ۾ چيو ته بدين جي زيرو پوائنٽ واري ڳوٺ ڀڳڙا ميمڻ مان ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي، شاهبندر جي ٻيٽن تان رات 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو

شاهبندر، جاتي ۽ ڪيٽي بندر جي ساحلي ڳوٺن مان 50 هزار ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويندو

هي به پڙهندا

بدين جي زيرو پوائنٽ واري علائقي جي ڳوٺ ڀڳڙا ميمڻ مان ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي: وڏي وزير کي بريفنگ