9مئي واقعن جي جوابدارن جا ڪيس فوجي عدالت ۾ هلايا وڃن: قومي اسيمبلي  ۾ ٺهراءُ منظور

0
287
9مئي واقعن جي جوابدارن جا ڪيس
9مئي واقعن جي جوابدارن جا ڪيس فوجي عدالت ۾ هلايا وڃن: قومي اسيمبلي  ۾ ٺهراءُ منظور

اسلام آباد: حڪومت 9 مئي واقعن ۾ ملوث جوابدارن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلائڻ جو مطالبو ڪندي قومي اسيمبلي مان ٺهراءُ پڻ منظور ڪرائي ورتو آهي

بچاءَ واري وزير خواجا  آصف ايوان ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته هيءَ ايوان 9 مئي واقعن جي مذمت ڪري ٿو ۽ گهُر ٿو ڪري ته وڳوڙين خلاف فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلايا وڃن

ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته هڪ جماعت ۽ ان جي قائد  9 مئي تي سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون، آئين ۽ قانون جا بکيا اڊيڙي  فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا ويا

جوابدارن خلاف ڪارروائي  ۾ هڪ ڏينهن جي به دير نه ڪئي وڃي ۽ سمورن جوابدارن خلاف پاڪستان آرمي ايڪٽ 1952تحت ڪارروائي  ڪري سزائون ڏنيون وڃن