سامارو (رپورٽ: جئيپال مالهي) تعلقي اسپتال سامارو ڀرسان عبدالواحد ڪالوني جي رھواسي يتيم نينگر الهورايو شيدي کي 12 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا بعد جوابدارن مرڻينگ حالت ۾ شھر ڀرسان ڪيلن جي باغ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا هئا، جنهن بعد وارثن پيرا کڻي نينگر کي ھٿ ڪيو ھو، زخمي نينگر حيدرآباد سول اسپتال ۾ زير علاج رھڻ بعد دم ڏئي ڇڏيو آهي، نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي وارثن ۾ ڪھرام مچي ويو، ان حوالي سان نينگر جي ڀاءُ الھبچايو شيدي ٻڌايو ته ڀاءُ کي بروهي برادري جي ماڻهن شهر مان اغوا ڪري موٽر سائيڪل تي مراد شاھ قبرستان ويجهو ڪيلي جي باغ ۾ کڻي وڃي سخت تشدد ڪري کيس ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا هئا، هن چيو ته ڀاءُ سان بدفعلي ٿيڻ جو به شڪ آهي، هن چيو ته اسان 12 ڏينهن کان انصاف لاءِ دانهون ڪندا رهياسين پر ڪنهن تدارڪ نه ڪيو، فوتي نينگر جي ڀاءُ مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف سامارو تعلقي اسپتال مان نينگر جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي پوليس مڙهه وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. ٻي طرف ساماري ٿاڻي جي وڏي منشي مير خان سولنگي ٻڌايو ته اسان کي مامري ڪابه ڄاڻ ناهي، نه ئي نينگر جي وارثن اسان کي ڪو اطلاع ڏنو، نينگر جي اغوا جا ڪي به اطلاع ناهن، وڌيڪ جاچ ڪيون ٿا.