ٽنڊوالھيار (رپورٽر) سلطان آباد پوليس ڪارروائي ڪري ڪجھ ڏينهن اڳ سلطان آباد جي حد خواجا اسٽاپ لڳ سنڌڙي جي رھواسي حاجي محمد علي ميرجت جا قاتل ڊرامائي انداز ۾ گرفتار ڪري ورتا آهن، ڪجھ ڏينھن اڳ ٽنڊو الهيار لڳ ميرپورخاص روڊ تي خواجا اسٽينڊ وٽ نامعلوم ھٿياربندن ھٿان سنڌڙي جو رھواسي 45 سالا نوجوان هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويو هو، جنهن جي وارثن قاتلن جي گرفتاري لاءِ مختلف پريس ڪلبن تي احتجاج پڻ ڪيا جن جي احتجاجن رنگ لاٿو۔ سلطان آباد پوليس جي ٽيم مختلف جڳھين تي ڇاپا ھڻين 2 جوابدارن علي نواز مري ۽ علي خان مري کي قتل ۾ استعمال ٿيندڙ ھٿيار سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، واضح رهي تہ ڄاڻايل جوابدارن خلاف قلم 302 قتل جو ڪيس داخل ٿيل آهي.