سائنٽيفڪ ٿيوري ۽ ان جي طاقت … الفت حسين پتافي

0
113

سائينٽيفڪ ٿيوري جي طاقت اوهان پاڻ ئي هيٺين تصوير ۾ ڏسي سگهو ٿا.جيڪڏھن پاڻ فزڪس جي ڳالھه ڪيون ته، ٿيوري هوائي فائر ناهي هوندو پر سالن جي ريسرچ، ميٿيميٽڪس جي بنياد تي پيش ڪيل خيال جنهن کي سڄي دنيا جا مڃيل سائنسي دماغ verify ڪندا آهن ۽ ان نتيجي تي هر ماڻهو پهچي به سگهي ٿو، چوڻ جو مقصد ته اهو ڪو ايڪسيڊنٽ نه آهي هوندو (گهڻي ڀاڱي)، ويٺي ويٺي ڪنهنجو دماغ خراب ٿيندو آهي ۽ هو سائنسي ٻوڙ هاريندو آهي.

هيٺين تصوير ۾ ڏسو ته:

                          اينٽي ميٽر جي هجڻ جي ٿيوريٽيڪل دعوا 1928 ۾ ڪئي وئي هئي ۽ 1932 ۾ اها دعوا حقيقت بڻجي وئي ته واقعي ۾  antimatter هوندو آهي.

                         بليڪ هول کي آئنسٽائين پنهنجي جنرل ٿيوري آف رليٽيوٽي ۾ 1916 ڌارا مارڪيٽ ۾ آندو ۽ 1971 ۾ اها ڳالهه سچ ثابت ٿي. ساڳي طريقي سان ٻن بليڪ هولز جي ٽڪرائڻ سان يا بليڪ هول ۽ نيوٽران اسٽار جي ٽڪرائڻ سان ڪائناتي چادر space time fabric ۾ اٿندڙ لهرن يعني gravitational waves جو ذڪر آئنسٽائين  1916 ۾ ڪيو هيو ۽ اها ڳالھه سئو سالن کان پوءِ 2016 سچ ثابت ٿي.

هگس بوزان جي کوجنا دوران به ڪجهه ائين ئي ٿيو آهي.

آخر ۾ سياري نيپچون جي کوجنا واري ڳالھ ته اوهان ٻڌي هوندي ته ٽيلي اسڪوپ تي سيارو نيپچون بعد ۾ ڏٺو ويو هيو، ميٿيميٽيڪلي اهو پهرين ئي ٻڌايو ويو هيو ته يورينس کان پوءِ هڪ ٻيو سيارو هجڻ کپي نه ته سيليشيل مڪينڪس celestial mechanics جون فلاڻيون فلاڻيون ڪيلڪيوليشنس صحيح نه ٿيون بيهن.

هيڏي ڊيگهه ڪرڻ کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ هاڻي اهو نه چوڻ کپي ته، اها ته صرف ٿيوري آهي.(فيس بوڪ وال تان ورتل)