سوال/سروي … ملڪ ۾ سياسي صورتحال انتهائي خراب آهي، چونڊون ٿيندي نظر نٿيون اچن، حڪومت مان بيزار ٿي ويا آهيون: عوام

0
152

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ڇا پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊون ٿينديون ؟ سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن جو اعلان ڪيو ويندو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ملڪ ۾ سياسي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي، حڪومت جو ارادو چونڊون ڪرائڻ وارو نٿو لڳي، ويجهڙائي ۾ چونڊون ٿيندي نظر نٿيون اچن، باقي مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌندي، عوام پريشان آهي، وقت تي شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته وقت کان پھرين اليڪشن ٿيندي نظر نه پئي اچي ملڪ جي معاشي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته معاشي ايمرجنسي لاڳو ڪري چونڊون ٻن سالن لاءِ پوئتي ڪري اليڪشن 2025 تائين ملتوي ڪئي وڃي اھو ملڪ لاءِ بھتر فيصلو ھوندو عمران خان جو منجن ھاڻي نه پيو وڪامي ان لاءِ ھاڻي آپي کان ٻاهر نڪري ويو آھي، مير حسن مهيسر لکيو ته ملڪ ۾ انتشاري ڦهلجي چڪو آهي،عوام خود پريشان آهن هڪ مهانگائي ٻيو اليڪشن جا چڪر، ڪجھ به ٿي سگهي ٿو، عمران جوڻيجو لکيو ته چونڊون ٿيڻ گهرجڻ پر صاف ۽ شفاف چونڊون ٿيندي نظر نه پيون اچن هن ملڪ کي لٽڻ وارا وري به اقتدار ۾ ايندا عوام وري به سورن ۾، تسليم علي چانڊيو لکيو ته شهباز شريف جي ڪلهوڪي گڏجاڻي جي ڳالهين مان اهو صاف ظاهر آهي ته چونڊون 2024 کان اڳي ناممڪن آهن باقي رهي مهنگائي جي ڳالھه ته شاھ صاحب جو فارمولو اپنايو جي ڪٽي مهانگي آ ته ساريون نه پوکيو ڪٽي پوکيو، سليم اختر لکيو ته چونڊون ته ٿينديون پر پي ڊي ايم حڪومت مار کائيندي ان بعد چونڊون به ٿينديون، اشوڪ سمراٺ لکيو ته هي سياستدان ناهن سڀ لٽيرا آهن ملڪ کي وڪڻي کائي ويا هن ملڪ کي سڀ لٽڻ ڄاڻين ٿا، رهي ڳالھ اليڪشن جي جيستائين اسٽيبلشميٽ ۽ وڏي وڏيرا شاهي جي مداخلت آهي تيستائين صاف شفاف چونڊون هن ملڪ ۾ ناممڪن آهي، محمد حسين پنهور لکيو ته سڄي ملڪ ۾ چونڊون ٿيڻ گرجن نه ته شهبازشريف جيڪوملڪ کي لڳو آهي رب ڄاڻي ٿو ڇا ٿيندو غريب عوام جو، محمد فياض وساڻ لکيو ته سڄي ملڪ م چونڊون ٿيڻ گرجن سپريم ڪورٽ پاران اليڪشن ڪميشن کي حڪم ملي سنڌ سميت پوري ملڪ جون حالتون خراب آهن جلد اليڪشن ٿيڻ گهرجي، جنيد زرين لکيو ته لڳي ٿو ته سپريم ڪورٽ پاران اليڪشن ڪميشن کي حڪم ملي، ھو انھن ٻن صوبن ۾ اليڪشن ممڪن آهي ٿئي. باقي وفاقي ۽ سنڌ بلوچستان ۾ اليڪشن ممڪن آ ديرسان ٿئي. ھن حڪومت جو ارادو اھو آھي ڀل مارشلا لڳي پر اليڪشن ناھي ڪرائڻي، شنڪر لال لکيو ته سنڌ سميت پوري ملڪ جون حالتون خراب آهن جلد اليڪشن ٿيڻ گهرجي، خيرمحمد مگسي لکيو ته بلڪل چونڊون ٿينديون امپورٽيڊ حڪومت چونڊن کان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر عدالتي نظام موجوده ڪرپٽ ٽولي کي اليڪشن کان فرار ٿيڻ نه ڏيندو پنجاب ڪي پي ڪي ۽ حڪمرانن ڌر کي تاريخي شڪست ملندي پر مونکي ان ڳالهه جو خدشو به آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي اليڪشن کان اڳ ملڪ امن امان جي صورتحال خراب نه ٿي وڃي ڇو جو جيڪڏهن ملڪ ۽ امن امان جي صورتحال خراب ٿي ته حڪومت اليڪشن طرف نه ويندي ڏينهون ڏينهن ملڪ جي سياسي صورتحال ڇڪتاڻ ڏانهن وڌندي ملڪ اندر دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. رميش ڪمار لکيو ته ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال کي نظر ۾ رکندي هڪ ئي ڳالھه ذھن ۾ ڊوڙي ٿي ته پري پري تائين چونڊون نظر نٿيون اچن جيستائين ملڪ ۾ مهانگائي جو هڪ ڳرو طوفان وري اچڻ وارو آھي، مراد علي لکيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال ڏسجي ته عام چونڊون وقت تي ٿيندي نظر نه پيون اچن وفاقي حڪومت به عام چونڊن جي لا۽ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي باقي رهي ڳالهه پنجاب ۽ ڪي پي جي اھي به مشڪل ٿين،ملڪ جي صورتحال تمام خراب آهي، محمد علي سميجو لکيو ته قانون تحت چونڊون ٿيڻ کپن باقي سوموٽو چيف جسٽس نوٽيس ورتو آھي رمضان کانپوءِ عام چونڊون ٿيڻ جا امڪان آھن، اقبال سميجو لکيو ته چونڊون وقت کان اڳ مشڪل ٿين، جاويد مريد نهڙيو لکيو ته ملڪي سياسي صورتحال انتھائي ڳنڀير آھي شھباز شريف ۽ سندس ڪابينه کان ملڪ نه ھلندو ويتر جي ھي اڃان وڌيڪ چار پنج مھينا رھيا ته ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويندو انھي ڪري ادارن کي پنھنجي وطن کي عزيز سمجھي رڳو پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اليڪشن ڪرائڻ بجاءِ جنرل اليڪشن جو جلد اعلان ڪرائڻ گھرجي نه ته ھي وائڙا وڏي ڀينگ ڪندا ملڪ ڪيترن ئي سالن تائين خساري مان نه نڪري سگھندو ،،مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته سياست وارو وايو منڊل هن وقت عوام لاءِ مڪمل طور ڀي لاڀ بڻيل آهي اهڙي صورتحال رهي ته عوام جو سياست کان اعتبار مڪمل طور گهٽجي ويندو. سنتوش ڪمار لکيو ته اليڪشن ويجهو ٿيندي نظر نه اچي رهي آهي، شفاف چونڊون ٿيڻ گهرجن، الياس سمون لکيو ته چونڊون ٿين يا نه پر ايندڙ ڪجهه وقت ۾ ملڪ جي مزيد ڀينگ ضرور ڪئي ويندي مھانگائي ۾اضافو ٿيندو بيروزگاري وڌندي، ولي الله جمالي لکيو ته چونڊون ته ٿينديون پر پي ڊي ايم حڪومت مار کائيندي، اختر حسين لکيو ته 2024ع ۾ چونڊون ٿينديون، قادر بخش زئور لکيو ته  في الحال چونڊون ڏسڻ ۾ نٿون اچن، ذوالفقار علي راهمون لکيو ته غريب جي وات مان گرهه کسيندڙ پي۔ڊي۔ايم۔ واري جهموريت مان جان ڇڏائڻ جو واحد حل صاف شفاف اليڪشن آهي ۽ اها اليڪشن پاڪ فوج جي نگراني ۾ ڪرائڻ گهرجي ته جيئن ملڪ جون موجوده حالتون صحيح رستي تي اچي سگهن۔باقي جيل ڀريو تحريڪ بهترين قدم آهي،  موهن لال لکيو ته سياسي صورتحال، مسخرن جي هٿ چڙهيل آهي ڇاڪاڻ ته وفاقيت ۾ هڪ پارٽي جي حڪومت ڪونهي مڪسچر حڪومت وٽ في الحال ڪو پلان ناهي ۽ رهي ڳالھه پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ اليڪشن جي اها ڪانه ٿيندي،سڄي ملڪ ۾ چونڊ جو اعلان پري پري تائين ڏسڻ ۾ ڪونه پيو اچي، مجيب الرحمان لکيو ته سڄي ملڪ ۾ اليڪشن ٿيڻ گهرجي، نظير سوهو به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالقيوم لغاري لکيو ته بلڪل چونڊون ٿينديون امپورٽيڊ حڪومت چونڊن کان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر عدالتي نظام موجوده ڪرپٽ ٽولي کي اليڪشن کان فرار ٿيڻ نه ڏيندو پنجاب ڪي پي ڪي ۽ حڪمرانن ڌر کي تاريخي شڪست ملندي پر مونکي ان ڳالهه جو خدشو به آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي اليڪشن کان اڳ ملڪ امن امان جي صورتحال خراب نه ٿي وڃي ڇو جو جيڪڏهن ملڪ ۽ امن امان جي صورتحال خراب ٿي ته حڪومت اليڪشن طرف نه ويندي ڏينهون ڏينهن ملڪ جي سياسي صورتحال خراب ٿيندي ملڪ اندر دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، خدابخش ڪنڀر لکيو ته ملڪ جي صورتحال ڀيانڪ آھي افراتفري لڳي رھي آھي چونڊن جو امڪان نٿو لڳي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ته ڇا پوري پاڪستان ۾ چونڊون ڪونه ٿينديون باقي مھانگائي سڀني جا لاھ ڪڍي ڇڏيا آھن، علي بخش چوهاڻ لکيو ته سپريم ڪورٽ ڪا مڙسي ڪري باقي حڪومت اليڪشن نٿي ڪرائڻ چاهي، علي محمد شر لکيو ته چونڊون ٿين يا نه پر ايندڙ ڪجهه وقت ۾ ملڪ جي مزيد ڀينگ ضرور ڪئي ويندي مھنگائي ۾اضافو ٿيندو بيروزگاري وڌندي، ايم عيسيٰ لنڊ به سروي ۾ حصو ورتو، اسلم سومرو لکيو ته هن وقت چونڊن جو ڪو به امڪان نظر نه ٿو اچي، قربان علي ميراڻي لکيو ته لڳي نه ٿو ته پنجاب ۾ چونڊون ٿين ُھي صرف ٽوپي ڊرامو آ عوام کي بيوقوف ڪرڻ لاءِ، نارائڻ داس لکيو ته اليڪشن پھنجي وقت تي ٿيڻ گھرجي پر جيڪي حالتون آهن ڪم ڏاڍو ڏکيو رھندو، مير منور بلوچ لکيو ته في الحال چونڊون ڏسڻ ۾ نٿون اچن ڇاڪاڻ ته اليڪشن ڪميشن راضي ناھي اليڪشن ڪرائڻ تي، شهمير علي لکيو ته اليڪشن ڪميشن راضي ناھي اليڪشن ڪرائڻ تي، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته وفاق حڪومت کي گهرجي پنجاب ۽ سنڌ ۾ عام چونڊون ڪيو وڃن، عثمان سنڌي لکيو ته ملڪ ھاڻي ٻاهرين ملڪن م مزدوري ڪندڙن تي هلي ٿو ملڪ جا حال پورا آھن هن ملڪ لاء ڪنهن به نه سوچيو هرهڪ پنهنجي ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورو آهي، محمد ميرڻ جکراڻي لکيو ته اسان غريب ته هن حڪومت کان بيزار آھيون.