اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم هائوس جي آڊيو ليڪ کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي به آمريڪي سائفر بابت آڊيو ليڪ سامهون اچي وئي آهي، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي آمريڪي سائفر جي حوالي سان پنهنجي تڏهوڪي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان سان ڳالهه ٻولهه تي ٻڌل آڊيو ليڪ سامهون  آئي آهي، جنهن آڊيو ليڪ ۾ عمران خان کي اهو چوندي ٻڌو پيو وڃي ته اسان کي آمريڪي سائفر جي حوالي سان صرف کيڏڻو آهي، آمريڪا جو نالو ناهي وٺڻو، صرف اهو کيڏڻو آهي ته ان جي مٿان واري تاريخ اڳ جي هئي، جنهن تي اعظم خان چوي ٿو ته آئون سوچي رهيو آهيان ته ان سائفر جي مامري تي هڪ گڏجاڻي ڪئي وڃي، توهان کي ياد آهي ته آخر ۾ سفير لکيو آهي ته هن سائفر جي حوالي سان به ڊمارچ جاري ڪئي وڃي، جيڪڏهن اگر اها ڊمارچ جاري ناهي ڪرڻي ته مون سوچيو آهي ته ان مامري کي ڪور ڪيئن ڪرڻو آهي، هڪ اجلاس ڪيو وڃي، شاهه محمود قريشي پرڏيهي سيڪريٽري جي موجودگي ۾ ليٽر پڙهي ٻڌائي، شاهه محمود قريشي جيڪو به پڙهي ٻڌائيندو ان کي ڪاپي ڪري وٺنداسين ۽ پوءِ ان کي آئون منٽس ۾ شامل ڪندس، پرڏيهي سيڪريٽري اها شئي ٺاهي ورتي آهي، سامهون آيل آڊيو ليڪ ۾ اعظم خان کي اهو به چوندي ٻڌو پيو وڃي ته سفارتي ٻولي ۾ ان سائفر کي ڌمڪي چيو ويندو آهي، ڏسو منٽس ته منهنجي هٿ ۾ آهن، پنهنجي مرضي سان منٽس ڊرافٽ ڪري وٺنداسين، جنهن تي عمران خان کي اهو چوندي ٻڌو وڃي ٿو ته پوءِ ان اجلاس ۾ ڪنهن کي ڪنهن کي گهرايو وڃي، جنهن تي اڳوڻي وزيراعظم جي تڏهوڪي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان کي چوندي ٻڌو پيو وڃي ته ان اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي، آئون ۽ پرڏيهي سيڪريٽري هوندو، جنهن تي عمران خان چوي ٿو ته ٺيڪ آهي، سڀاڻي اهو اجلاس ڪري وٺون ٿا، اعظم خان چوي ٿو ته ان سان شيون رڪارڊ ۾ اچي وينديون، اوهان ڏسو ته هو قونصليٽ فار اسٽيٽ آهي، اهو جيڪڏهن سائفر پڙهي ٻڌائيندو ته آئون ڪاپي ڪري وٺندس، جنهن سان اهو آرام سان آن دي رڪارڊ اچي ويندو، توهان پرڏيهي سيڪريٽري کي گهرايو ته مامرو رڪارڊ تي اچي وڃي، عمران خان چوي ٿو ته ان کي پرڏيهي سازش ٺاهي ڇڏيون ٿا. هوڏانهن سائفر بابت آڊيو ليڪ تي رد عمل ڏيندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سٺو ٿيو آهي جو آڊيو ليڪ ٿي آهي، سائفر به ليڪ ٿيڻ گهرجي، پنجاب هائوس ۾ صحافي جي ان سوال ته آڊيو ليڪ ۾ توهان چئي رهيا آهيو ته سائفر تي کيڏڻو آهي جي جواب ۾ عمران خان چيو ته اڃا ته مون سائفر واري مامري تي صحيح کيڏيو ئي ناهي، هاڻي هي ان مامري کي ايڪسپوز ڪندا ته اسان کيڏنداسين، هن چيو ته شهبازشريف ۽ ٻين آڊيو ليڪ ڪئي،آئون چاهيان ٿو ته سائفر به ليڪ ٿي وڃي ته جيئن قوم کي خبر پئجي وڃي ته ڪيتري وڏي سازش ٿي آهي.